صَبُرُ جي سنڌي معنيٰ
ماٺ ۾ رهڻ چُپ، ماٺ، ٻالاس، توازن، خاموشي، سانت، شانتي. ڌيرج، تحمل، ٿامر، حلم، بردباري. برداشت، توقف، تامل. تسلي، تسڪين، اطمينان. توڪل. قناعت. دير.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Patience, forbearance, endurance, contentment, balance, resignation.
صَبُرُ جا بيتن ۾ حوالا
سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، بي عَقلَ آڻي بازِ،
سَندي صَبُرُ سازَ، توبَهَ ڪارِيَسِ تَڪِڙِي.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 11 ]
سَندي صَبُرُ سازَ، توبَهَ ڪارِيَسِ تَڪِڙِي.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 11 ]
ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿَ کَڻِي، دِلِ ۾ تَيرِي دانھَن،
ڪَھان تَہ ڪُوڪَ ٿِئي، صَبُرُ آئُون نَہ سَھان،
ڪَنھِن کي اِيئَن چَوان، تَہ مُون کي مارِئو سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 7 ]
ڪَھان تَہ ڪُوڪَ ٿِئي، صَبُرُ آئُون نَہ سَھان،
ڪَنھِن کي اِيئَن چَوان، تَہ مُون کي مارِئو سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 7 ]
صَبُرُ شاڪِرَنِ، آھي اوطاقُنِ ۾،
جٖي وَصُلَ ٿِئا وِصالَ سين، سي ذَرو ظاھِرُ نَہ ڪَنِ،
وييَتَ واھُرَ تَرَنِ، ھِينئَڙا جَنِ ھَڄِي وِئا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 14 ]
جٖي وَصُلَ ٿِئا وِصالَ سين، سي ذَرو ظاھِرُ نَہ ڪَنِ،
وييَتَ واھُرَ تَرَنِ، ھِينئَڙا جَنِ ھَڄِي وِئا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 14 ]
مَڇُڻ وَرَ وِسارِئين، صَبُرُ نَہ سارِيان،
توکي نِھارِيان، آءُ مُنھِنجا سُپِرِين.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 8 ]
توکي نِھارِيان، آءُ مُنھِنجا سُپِرِين.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 8 ]
ھَٿان ھَڏِ نَہ ڇَڏِيان، صَبُرُ شُڪرانو،
ذَوقَ زَمانو، مُون وَرَ وِئَڙو وِسَرِي.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 9 ]
ذَوقَ زَمانو، مُون وَرَ وِئَڙو وِسَرِي.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 9 ]
ڏُورِ مَ تُون ڏورِجِ، صَبُرُ ڪَرِ مَ سَسُئِي،
پُرَڻُ ڇَڏِ پيرَنِ سين، وِھَڻُ وِساريجِ،
سَڌُنِ جا سَيِّدُ چئَي، لاڳاپا لاھيجِ،
ھِنيَين ساڻُ ھَليجِ، پَنڌُ پاسي ڀَرِ نِبِري.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 13 ]
پُرَڻُ ڇَڏِ پيرَنِ سين، وِھَڻُ وِساريجِ،
سَڌُنِ جا سَيِّدُ چئَي، لاڳاپا لاھيجِ،
ھِنيَين ساڻُ ھَليجِ، پَنڌُ پاسي ڀَرِ نِبِري.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 13 ]
وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، جوري سين جابِرَ،
صَبُرُ ڪِيئَن صابِرَ، اَچي عَجِيبَنِ ري.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 3 ]
صَبُرُ ڪِيئَن صابِرَ، اَچي عَجِيبَنِ ري.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 3 ]
ووءِ ووءِ ڪَندِي وَتُ، مَڇُڻ ووءِ وِسارِيين،
پاڻِي ھارِ مَ پَڌِرو، رو مَنجهائِين رَتُ،
صَبُرُ وَڏو سَتُ، سِگها ميڙي سُپِرِين.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 2 ]
پاڻِي ھارِ مَ پَڌِرو، رو مَنجهائِين رَتُ،
صَبُرُ وَڏو سَتُ، سِگها ميڙي سُپِرِين.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 2 ]
پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، ھَلِي آيو ھِيءُ،
مالُ نَہ مَڱي مَڱِڻو، جاجِڪُ مَڱي جِيءُ،
وَڍِ وَھِلو ٿِيءُ، ساعَتَ صَبُرُ نَہ سَھان.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 4 ]
مالُ نَہ مَڱي مَڱِڻو، جاجِڪُ مَڱي جِيءُ،
وَڍِ وَھِلو ٿِيءُ، ساعَتَ صَبُرُ نَہ سَھان.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 4 ]
خاموشِي خَبَرَ جِي، مُومَلَ ٿِي مَتِ،
صَبُرُ ٿِئو سُپَتِ، مُنھِنجي حَقِ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 4 ]
صَبُرُ ٿِئو سُپَتِ، مُنھِنجي حَقِ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 4 ]
English Meaning
Patience, forbearance, endurance, contentment, balance, resignation.