طاقَتَ جي سنڌي معنيٰ
سَگهَہ، زور، ٻل، قوت، وِتُ. حوصلو، برداشت، لياقت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Strength, power, vigour.
طاقَتَ جا بيتن ۾ حوالا
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ سَٽاڻا سيسارَ،
بيحَد واڳُو بَحرَ ۾، ھيبَتَ نانگَ ھَزارَ،
سارِيان ڪانَہ سَرِيرَ ۾، طاقَتَ توھِيان ڌارَ،
ساھَڙَ ڄامَ سَتارَ، اُونِهي مان اُڪارِيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 4 ]
بيحَد واڳُو بَحرَ ۾، ھيبَتَ نانگَ ھَزارَ،
سارِيان ڪانَہ سَرِيرَ ۾، طاقَتَ توھِيان ڌارَ،
ساھَڙَ ڄامَ سَتارَ، اُونِهي مان اُڪارِيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 4 ]
مُون کي جَنِي مارِئو، آن ڪي گَڏِئا سي،
تَنَ ۾ طاقَتَ ناھِ ڪا، اَدا اُنِين ري،
سُورُ سَلِتُمِ تي، جيلاھَ ڳالِهہ ڳَرِي ٿِي.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 6 ]
تَنَ ۾ طاقَتَ ناھِ ڪا، اَدا اُنِين ري،
سُورُ سَلِتُمِ تي، جيلاھَ ڳالِهہ ڳَرِي ٿِي.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 6 ]
English Meaning
Strength, power, vigour.