قَبَرَ جي سنڌي معنيٰ
دفن ڪرڻ جي جاءِ، ميت پورڻ جي جاءِ، تربت، گور، مدفن. مزار. (اوائلي سنڌي لفظ ڪُٻِر.)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A grave, tomb.
قَبَرَ جا بيتن ۾ حوالا
جاڳِي يارا جيڏِيُون پاڻُ پَرَنِجي،
ھَلَندي حَبِيبَ ڏي، ويلو وِچِ نَہ ڪِجي،
مَٿي اُھِسَ اُسِرِي، پَتَنگَ جِيئَن پَئِجيءَ،
اَڳِئان اُونداھِيءَ جو، سَمَرُ ساڻُ ڪِجي،
ڪِيجي قُوتُ قَبَرَ جي، گهوريون آن گُهرِجي،
آگو عَيبَ اَواھِنجا، ڍَڪِئا ڳُجَهہ ٻُجهي،
جيڪِي وَھي وُجُودَ ۾، صاحِبُ ٿو سَمجهي،
آھي مَوتُ مِڙَنِ تي، گوڙِيُون ڪِئو ٿو گَجي،
اَجَلُ اِيندو اوچتو، سَدا ٿو سُڄي،
ڊِڄِي ڊاءِ اللهَ جي، جيڪو ڀَئي ڀَڄي،
اَمُنُ آھي اُنَ کي، مَنجِهہ اللهَ جي اَجهي،
عَرَضُ اَحوالُ اُنِ کي، چَڱِيءَ ڀَتِ چَئجي،
نِيازُ ڪَري نِڪَڻِي، واحِدَ ڏي وَرِجي.
[ سُر سريراڳ، وايون، 6 ]

آتَڻَ ۾ سَڀَ ويھِي، دُعا ڪَريجا جيڏِيُون،
ڪانِهي بَسِ بَھِيرَ کي، ھَلُ چَلُ وَڃي پيئِي،
راھَ مُسافِرُ سَڀَڪو، ڪو نَہ ڏِٺوسُون ھِتِ ڏيھِي،
سارِيندا صَلاتَ کي، قَبَرَ سَڀَ پيھِي،
ڪوٺائُون ڪَرِيمَ جو، ڳالِهہ پُڇَندومِ ڪيھِي،
اللهُ ھيڪُ مُحَّمَدُ بَرحَقُ، اِيءَ چُئان مانَ ايھِي،
نَوازِيندو نُورَ سين، ناقِصِ کي اُتِ نيئِي.
[ سُر سھڻي، وايون، 8 ]

سَڄَڻُ سِينگاري، ڪِئائُون مُھاڙَ مُقامَ ڏي،
کَڻِي کَٽولو ھَلِئا، لوڪان نِظاري،
لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، قَبَرَ ڪِناري،
سَنئُون سُمَهاري، نيئِي ڌَرِيندا ڌُوڙِ ۾.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 19 ]
کَڻِي کَٽولو ھَلِئا، لوڪان نِظاري،
لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، قَبَرَ ڪِناري،
سَنئُون سُمَهاري، نيئِي ڌَرِيندا ڌُوڙِ ۾.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 19 ]
English Meaning
A grave, tomb.