قَلَمَ جي سنڌي معنيٰ
لکڻ لاءِ وڍيل، گهڙيل ڪانو. ڪِلڪَ، ليکَڻِ، لکڻي لوهي ڪلڪ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Pen.
قَلَمَ جا بيتن ۾ حوالا
تَران لاءِ طَعني، مَٿي وَھَ واڪا ڪِئو،
آڻي وِڌِيَسِ آرَ ۾ دَرياھَ ديواني،
قَلَمَ جي ڪانِي، آڻي اولِيَسِ اولَ ۾.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 18 ]
آڻي وِڌِيَسِ آرَ ۾ دَرياھَ ديواني،
قَلَمَ جي ڪانِي، آڻي اولِيَسِ اولَ ۾.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 18 ]
نَہ ڪانِيءَ نَہ ڪانھَنۡ، نَڪو ڏوھُ قَلَمَ جو،
اَنگُ اُتي ئِي لِکِئو، جِتِ نَہ رَسي ٻانھَن،
ڪَنھِن کي ڏِيان دانھَن، جِيئَن قَضا قَلَمُ وَھايو.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 20 ]
اَنگُ اُتي ئِي لِکِئو، جِتِ نَہ رَسي ٻانھَن،
ڪَنھِن کي ڏِيان دانھَن، جِيئَن قَضا قَلَمُ وَھايو.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 20 ]
جِتي جيتَرِيُون، لِکِيُون لوحَ قَلَمَ ۾،
تِتي تيتَرِيُون، گهَڙِيُون گهارَڻَ مُون آيُون.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 22 ]
تِتي تيتَرِيُون، گهَڙِيُون گهارَڻَ مُون آيُون.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 22 ]
گِلا ڪا مَ ڪَري، مُنھِنجِي شَھَرَ ڀَنڀورَ ۾،
جَنھِن وَڻَ ھيٺان ھَلِئا، سَڄَڻَ سانگُ ڪَري،
لامُون تَنھِين وَڻَ سَندِيُون، لوڏِيان لايان ڳَري،
جَو سِينگارُ سَرَتِيين، سو مُون ناھِ ڳَري،
جِھَڙِي تِھَڙِي حالَ سين، وَڃان پيرَ ڀَري،
قَضا جَا ڪَرِيمَ جِي، ڪَنھِن کي ڪِينَ ٽَري،
جيڪِي لِکئو لوحَ قَلَمَ ۾، پارِيان سو پَري.
[ سُر ڪوھياري، وايون، 1 ]

ٿُلُهو ٿو ٿُونا ھَڻين، مَتو آھِين مَڇَ،
بابَ تُنھِنجي رَڇَ، لِکِئا لوحَ قَلَمَ ۾.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 25 ]
بابَ تُنھِنجي رَڇَ، لِکِئا لوحَ قَلَمَ ۾.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 25 ]
اللهَ اوٺِي آڻِيين، جٖي نِياپا نِينِ،
آئُون اُنِهين جِي آھِيان، توڙي مُون نَہ مَڃِينِ،
مَسُ مُنھِنجي ھَٿَ ۾، ڪاغَذُ ڪي آڻينِ،
لُڙِڪَ نَہ لِکَڻُ ڏِينِ، ڪِرِئو پُونِ قَلَمَ تي.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 11 ]
آئُون اُنِهين جِي آھِيان، توڙي مُون نَہ مَڃِينِ،
مَسُ مُنھِنجي ھَٿَ ۾، ڪاغَذُ ڪي آڻينِ،
لُڙِڪَ نَہ لِکَڻُ ڏِينِ، ڪِرِئو پُونِ قَلَمَ تي.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 11 ]
English Meaning
Pen.