قَلَمُ جي سنڌي معنيٰ
لکڻ لاءِ وڍيل، گهڙيل ڪانو. ڪِلڪَ، ليکَڻِ، لکڻي لوهي ڪلڪ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A pen.
قَلَمُ جا بيتن ۾ حوالا
نَہ ڪانِيءَ نَہ ڪانھَنۡ، نَڪو ڏوھُ قَلَمَ جو،
اَنگُ اُتي ئِي لِکِئو، جِتِ نَہ رَسي ٻانھَن،
ڪَنھِن کي ڏِيان دانھَن، جِيئَن قَضا قَلَمُ وَھايو.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 20 ]

قَضا قَلَمُ وَھايو، نَہ تَہ آئُون سِياڻِي،
پاڻان پَلِئو ڪيتِرو، ڏَمَ ٿي ڏِھاڙِي،
اَڳھَيِن مُنھِنجي اَنگَ ۾، لِکِئو ھو پاڻِي،
تيلاھِين ڄاڻِي، ڪِران ڪُنَنِ وِچَ ۾.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 21 ]

جٖي سُئا نَہ ٻُڌا، سي ڪِيئَن پِرِين پَسجَنِ،
قَلَمُ جَنِي جي ھَٿَ ۾، سي جَي ڪَرمُ ڪَنِ،
اَنگُ مَٽائِي اڳِيُون، ماڳھِين ٻِئو لِکَنِ.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 24 ]

بَروئي جِي بانِي، ڪَنھِن کان سِکِيين سُپِرِين،
آڻي ڏِيندَءِ ھَٿَ ۾، مَسُ قَلَمُ ڪانِي،
حَرَفُ پُڇَندَءِ، ھيڪِڙو، ظاھِرُ زَبانِي،
تَنِي اَڳِئان جانِي، ڪِھَڙِي ڪَرِيندين ڳالِهڙِي.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 17 ]

اللهَ سائِين، سائِين ! پُئان پِرِيَنِئُون مَ پاھِين،
وَڏِي آسَرَ آھِين اَسانھِين،
جِتي ديرو دوسِتَ جو، سا ڪِيئَن ڀُون اَڳاھِين،
ڀَنڀِيُون ڀِرِي آيُون، آيَلِ مُون اُتاھين،
قَلَمُ جَنِ جي ھَٿَ ۾، سي سيڻَ سَٻاجها سائِين،
بَندِيءَ جِي بازارَ ۾، شالَ مَ لِکَنِ لائِين.
[ سُر آسا، وايون، 3 ]

جيڏِيُون آئُون ڪا پاڻَ وَھِيڻِي آھِيان، ڪا مُون سارَ لَھِيجا،
جيڏانھَن ھَلائِينِمِ سُپِرِين، پيرَ اوڏاھِين پايان،
قَلَمُ ڪاتِبَ ھَٿَ ۾، آئُون ڪا لِکِئي مان لِکَ لاھيان،
واڳَ ڌَڻِيَنِ ھَٿَ ۾، ڪيڏانھَن ڪَرَھَلُ ڪاھِيان.
سَدا سُپَيرِيَن لَئي ويٺِي ڪانگَ اُڏائِيان،
اِيندا عَبدِالْلَطِيفَ چئَي، آسَ اُميدَ نَہ لاھِيان.
[ سُر آسا، وايون، 4 ]

قَيدُ الماءِ ڪَھَنِ جو، سو مُون پاندِ پِئو،
جفَّ القلمُ بما هُوَ ڪائنٌ ، وَھِي قَلَمُ وِئو،
اِيءُ قَضا ڪَمُ ڪِئو، جِيئَن ٿَرِ مارُو آئُون ماڙِيين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 11 ]

ڪوجو ڪَٽَرُ ڪاڪِ مان، راڻي کي رَھِئو،
ماڳِ نَہ اَچي مَينڌَرو، ايڏو سُورُ سَھِيو،
موٽِي تَنھِن مَحلاتَ ۾، وَري تان نَہ وِئو،
ڪوجو قَلَمُ وَھِيو، سو مِٽِئان ڪِيئَن مَينڌَراَ.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 28 ]