لَھِي جي سنڌي معنيٰ
اتري، گهري، پڪڙي، ھيٺ ٿي، نڪري، ھاڪاري
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
obtain, find, acquire, get. To value, be priced at, shell, be worth. Stop at, go or get down, come down, disembark, set as sun, to be taken down or off, to be settled, adjusted, an account, to take up
لَھِي جا بيتن ۾ حوالا
لوھَ جا لَھِي وِئا، نِيَرُ نَہ لَھِي نِينھَن جو،
مارُوئَڙَنِ ڌاران ماڙِيين، ڏُھلا ڏِينھَن ٿِئا،
ڏيھِي ڏُورِ وِئا، ڏِيان ڏوراپو ڪَنِ کي.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 14 ]

ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿُ کَڻِي، ٻَنگان لَھِي ٻاڻُ،
ماڳھِين مُون مِنھُن ٿِئي، جهولِيءَ وِجهان پاڻُ،
اِنَ پَرِ ساجَنَ ساڻُ، مانَ مُقابِلو مُون ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 8 ]

چوري چَنگُ ٻَنگُ لَھِي، حَبِيبَنِ ھَنيوسِ،
ٻُجهان ٻاڻُ لَڳوسِ، ڪانارِئو ڪَرُ کَڻِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 11 ]

مِٺيُون لَھِي مُھان، جَي تو چانگا چِنِيُون،
وَلَڙِيُون وِھَ ساءِ، اَڃا پوءِ مُھَندِيُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 42 ]

ڏُکَ لاھِيندا ڏُونگَرَ وو ماءَ، پِرِيَنِ جا مُون کي سَڀَيئِي،
ڏاڍِي ذاتِ جَتَنِ جِي، وِئَڙا ڏِيلُ ڏَھِي،
جَو پَسان سو ڀايان، پِريان جو پَھِي،
ڏِٺا وَڻَ ڪوھِيارَ جا، ويئِي اُڃَ لَھِي،
آئُون ڏورِيندِي اُنِ کي، رائي راتِ رھِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 21 ]

واھُڙَ ڀَرِيُون مَ پاءِ، تو پُڻ ليکو ڏِيَڻو،
سَدا ساوَڻَ ڏِينھَڙا، ھِيئَن نَہ ھُونداءِ،
وِھاڻِيءَ وِينداءِ، اوڀَرَ اُتاھان لَھِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 27 ]

چارَڻَ چَنۡگُ ٻَنگُ لَھِي، وَڄايو وَڏاڻُ،
سِرَ جو ھَڏِ آسانُ، پَرَ مَڱَڻَھارُ مَٿي وَھي.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 24 ]

سَڃِ تَہ مانَ سُورُ لَھي اَکِيُون ڀَري ٻاجَهہ،
راڻِي جِيءَ رِھاڻِ کي، ويٺِي وِجهان واجهَہ،
سوڍا لَھِي ساجَهہ، پَسُ تو شَڪُون تَڪِيا.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 5 ]

ڪَنھِن جَنھِن پُورَ پَچايا، پَنجين ڏِينھِن پَئِي،
اَندَرِ آديسيَنِ کي، سُورَنِ شاخَ ڪَئِي،
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، لاشَڪُ ٿِئا لَھِي،
اُنِ کي سارِي راتِ سَيِّدُ چئَي، گُوندَرَ ساڻُ گَئِي،
ڪَرِئو سيڻَ سَھِي، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 5 ]

مَنجِهہ مَحَبتَ مَچُ، ٻَھَرِ ڌَورا ڌُوڙِ سين،
ڇَڏِيائُون ڇِرُ لَھِي، ڪُوڙُ ڪُلَکَڻُ ڪَچُ،
اَوَڳُڻَ اوڏا نَہ وِئا، ڳُڻَ ڪِئائُون ڳَچُ،
جِيئَن سِڪَنِ تِيئَن سَچُ، جِيئَن سَڙَنِ تِيئَن سَنِرا.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 9 ]