لُھارَ جي سنڌي معنيٰ
لوھار، لوھر، لوھ جو ڪم ڪندڙ، لوھاڻو، آهينگرُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Blacksmith
لُھارَ جا بيتن ۾ حوالا
سِرُ سانڌاڻِ ڪَري، پُڇِجِ گهَرُ لُھارَ جو،
ڌَڪَنِ ھيٺِ ڌَري، مانَ گَڏينِئِي رُڪَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 20 ]

وِئا سي وِينجهارَ، ھِيرو لالُ وِينديِن جٖي،
تَنِي سَندا پويان، سِيھي لَھَنِ نَہ سارَ،
ڪُٽِينِ ڪَٽُ لُھارَ، ھاڻي اُنِهين ڀيڻيِين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 17 ]

جِيئَن ڪَڙو مَنجِهہ ڪَڙي، سو لُھارَ لَپيٽِئو،
مُنھِنجو جِيءُ جَڙي، سُپيرِيان سوگهو ڪِئو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 7 ]

آئُون ڪِيئَن ڇَڏِيان سُومَرا، تَنِ پَنوَھارَنِ پَچارَ،
جَڙَ جَنِي جِي جانِ ۾، لَڳِي ريءَ لُھارَ،
ميخُون مَحَبتَ سَندِيُون، ھِينئَڙي مَنجِهہ ھَزارَ،
کاروۡ پاڻِي کُوھَرين، سِنجِئائُون سَوارَ،
عُمَرَ چارِيان اُنِ جا، ٻَڪَرَ شالَ ٻِھارَ،
پَکا ۽ پَنوَھارَ، ڏِٺي مُون ڏِينھَن ٿِئا.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 9 ]

کاڻِيءَ مَ کانيو، مُٺِيءَ مَڱَرُ مَ ڏِيو،
ھيڪَرَ اُجهايو، ڏيئِي ٻُرَ لُھارَ جِيئَن.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 26 ]