لِکِئا جي سنڌي معنيٰ
لکجي ويا، تحرير ٿي وئا، داخل ٿي ويا، شامل ٿئا، درج ٿي وئا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Written, enlisten.
لِکِئا جا بيتن ۾ حوالا
ايڪُ پِيالو ٻَہ ڄَڻا، عِشقُ نَہ ڪَري اِيئَن،
لِکِئا جٖي لِکڻَ ۾، قُرِبَ رَسَندا ڪِيئَن،
ھُئَڻَ ڪِئا ھِيئَن، وانجِئا پَسُ وِصالَ کان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 3 ]
لِکِئا جٖي لِکڻَ ۾، قُرِبَ رَسَندا ڪِيئَن،
ھُئَڻَ ڪِئا ھِيئَن، وانجِئا پَسُ وِصالَ کان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 3 ]
مِڙِي سُورَنِ وارِيُون، ڪَرِئو سُورَ پَچارَ،
مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سَڀَ ڪَنھِن، ڪانِهي سُوران ڌارَ،
ڪَرَمِ لِکِئا ڪاپارِ، سي مُوران موٽَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 18 ]
مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سَڀَ ڪَنھِن، ڪانِهي سُوران ڌارَ،
ڪَرَمِ لِکِئا ڪاپارِ، سي مُوران موٽَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 18 ]
ڪانگا ڪِتابَتَ جِي، آندِيَئِي خُوبُ خَبَرَ،
لَسَ تَنھِن ۾ لِکِئا، دِلِاسا دِلبَرَ،
ھِينئَڙو مُون ھَرَ ھَرَ، واچِئو واچِئو وِندُري.
[ سُر پورب، ڪانگ، 30 ]
لَسَ تَنھِن ۾ لِکِئا، دِلِاسا دِلبَرَ،
ھِينئَڙو مُون ھَرَ ھَرَ، واچِئو واچِئو وِندُري.
[ سُر پورب، ڪانگ، 30 ]
ٿُلُهو ٿو ٿُونا ھَڻين، مَتو آھِين مَڇَ،
بابَ تُنھِنجي رَڇَ، لِکِئا لوحَ قَلَمَ ۾.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 25 ]
بابَ تُنھِنجي رَڇَ، لِکِئا لوحَ قَلَمَ ۾.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 25 ]
English Meaning
Written, enlisten.