مارُوئَڙا جي سنڌي معنيٰ
مال چاريندڙَ، مالدار. جهنگ جا رهاڪو، مسڪين، غريب، نادارَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
herdsmen, poor fellows, people living along with live stock..
مارُوئَڙا جا بيتن ۾ حوالا
سَدا جَنِ پَرياڻُ، پاندِيءَ پَکِي لَڏَ جو،
وِئا ڳُڻَنِ ساڻُ، مارُوئَڙا ٿَرُ اُڪِرِي.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 9 ]
وِئا ڳُڻَنِ ساڻُ، مارُوئَڙا ٿَرُ اُڪِرِي.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 9 ]
وِئَڙا ڳُڻَنِ سان، مارُوئَڙا ٿَرُ اُڪِري،
تَنِ پُڄاڻا آنءُ، جاڙَ جِيئان ٿِي جيڏِيُون.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 10 ]
تَنِ پُڄاڻا آنءُ، جاڙَ جِيئان ٿِي جيڏِيُون.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 10 ]
اوڏا جانۡ ھُئا، تانۡ ٿِي نِتُ نِياپا آيا،
مارُوئَڙا مَلِيرَ ڏي، واري وَڳَ وِئا،
تَنِي ڏُونھِن ڪِئا، ڏيئِي ڏوراپا چائِيان.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 12 ]
مارُوئَڙا مَلِيرَ ڏي، واري وَڳَ وِئا،
تَنِي ڏُونھِن ڪِئا، ڏيئِي ڏوراپا چائِيان.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 12 ]
جِيئَن ڳَنڊِيُون مَنجِهہ ڳَنڍيرَ، تِيئَن مُون مَنُ مارُوءَ سين،
سي مارُوئَڙا ٿَرِ ٿِئا، جي ڳُڻَنِ جا ڳَھِيرَ،
تَنِي ري حَمِيرَ، گهنگهَرِ گهارِيان ڏِينھَڙا.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 25 ]
سي مارُوئَڙا ٿَرِ ٿِئا، جي ڳُڻَنِ جا ڳَھِيرَ،
تَنِي ري حَمِيرَ، گهنگهَرِ گهارِيان ڏِينھَڙا.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 25 ]
مارُوئَڙا ٿَرَ جَهلَ، يااللهَ،
مِينھَن وَسائِين گُوندَرَ لاھِين،
نَڪو رائُرُ ڏيھَ ۾، نَہ ڪا جَهلَ نَہ پَلَ،
سارِئو سانبِيَڙَنِ کي، اَچي آبَ اُڇَلَ.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 24 ]
مِينھَن وَسائِين گُوندَرَ لاھِين،
نَڪو رائُرُ ڏيھَ ۾، نَہ ڪا جَهلَ نَہ پَلَ،
سارِئو سانبِيَڙَنِ کي، اَچي آبَ اُڇَلَ.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 24 ]
اَجورا اُٿِيَنِ جي، مَٿي جَهڻِ جهاپي،
مارُوئَڙا مَلِيرَ ۾، ڦِرَنِ سين فاقي،
اُنِين ريءَ آئُون ڪي، منھِن مِٺايُون لايان.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 13 ]
مارُوئَڙا مَلِيرَ ۾، ڦِرَنِ سين فاقي،
اُنِين ريءَ آئُون ڪي، منھِن مِٺايُون لايان.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 13 ]
جُھ سي لوڙائُو ٿِئا، جَنِي سَندِيءَ ڌِيرَ،
مارُوئَڙا فَقِيرَ، ڪَنھِن دَرِ ڏِيندا دانھَڙِي.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 2 ]
مارُوئَڙا فَقِيرَ، ڪَنھِن دَرِ ڏِيندا دانھَڙِي.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 2 ]
آئُون شَلَ ويڙِه وَڃان، جِتي مارُوئَڙا اَلا،
تازِي مَڪَ مَلِيرَ جِي، موڙِئو ڏارَ ڀَڃان،
ويندِيَسِ اَباڻَنَ ڏي، ڳائي ڳيجَ گَڃان،
ٿاريلِيَنِ جي ٿَرَ تان، ڀيرو ڪِينَ ڀَڃان،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، اَٿَمِ آسَ اَڃان.
[ سُر مارئي، وايون، 16 ]
تازِي مَڪَ مَلِيرَ جِي، موڙِئو ڏارَ ڀَڃان،
ويندِيَسِ اَباڻَنَ ڏي، ڳائي ڳيجَ گَڃان،
ٿاريلِيَنِ جي ٿَرَ تان، ڀيرو ڪِينَ ڀَڃان،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، اَٿَمِ آسَ اَڃان.
[ سُر مارئي، وايون، 16 ]
ساري حاجَ هِئان، کَنيائُون کائُرِ ڏي،
ڏَلِهي کُوهَ ڏِسِ ڪَنھِين، ويڙِهِيچا وِئا،
لائي لَڏَ لَطِيفُ چئَي، پَرِيين ٿَرِ ٿِئا،
ڇَڏي ڳُڻَ وِئا، مارُوئَڙا مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 8 ]
ڏَلِهي کُوهَ ڏِسِ ڪَنھِين، ويڙِهِيچا وِئا،
لائي لَڏَ لَطِيفُ چئَي، پَرِيين ٿَرِ ٿِئا،
ڇَڏي ڳُڻَ وِئا، مارُوئَڙا مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 8 ]
کائُرِ ڏانھَن کَڻِي وِئا، مُون سين ڪَري مَٽِ،
مارُوئَڙا مَلِيرَ جِي، ڇَڏي وِئَڙا وَٽِ،
ڪينِهي ڪي مُون وَٽِ، ڪَنھِن سان ڪَرِيان ڳالِهڙِي.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 14 ]