مالُ جي سنڌي معنيٰ
مالِي، ماليات، مِلڪ، املاڪ، ڌَنُ، خزانو، دنيا، دولت، ناڻو، مايا، متاع. پئسو، ڏوڪڙ، نقدي، روڪڙ، رقم. پونجي، جمعيت، سمپت، موڙي، راس. زور، زيور، ڳھڻا، مڻيا. ٽپڙٽاڙي. اسباب، سامان، اٽالو، ترڪو، مڏي، جائداد.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Property, goods, effects, wealth, cattle. Stock in cattle.
مالُ جا بيتن ۾ حوالا
ھوتُ نَہ مَٽِيان ماءَ، ٻِئو مالُ مِڙيوئِي مَٽِيان،
جَنھِين جيءَ ساڃاءِ، رِڙھان ٿِي رَندَنِ ۾.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 36 ]
جَنھِين جيءَ ساڃاءِ، رِڙھان ٿِي رَندَنِ ۾.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 36 ]
پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، ھَلِي آيو ھِيءُ،
مالُ نَہ مَڱي مَڱِڻو، جاجِڪُ مَڱي جِيءُ،
وَڍِ وَھِلو ٿِيءُ، ساعَتَ صَبُرُ نَہ سَھان.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 4 ]
مالُ نَہ مَڱي مَڱِڻو، جاجِڪُ مَڱي جِيءُ،
وَڍِ وَھِلو ٿِيءُ، ساعَتَ صَبُرُ نَہ سَھان.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 4 ]
جاجِڪَ تو جُھارُ، ڏَھَ ڀيرا ڏِياچُ ڏي،
جَنھِن ۾ مالُ نَہ مِرِيءَ جيتَرو، تَنھِن تُون طَمَعدارُ،
جَي اَچي ڪَمِ ڪَپارُ، تَہ وِيھَ ڀيرا وَڍي ڏِيان.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 12 ]
جَنھِن ۾ مالُ نَہ مِرِيءَ جيتَرو، تَنھِن تُون طَمَعدارُ،
جَي اَچي ڪَمِ ڪَپارُ، تَہ وِيھَ ڀيرا وَڍي ڏِيان.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 12 ]
ماڻُهو گُهرَنِ مالُ، آئُون سَڀَ ڏِينھَن گهُران سُپِرِين،
دُنِيا تَنھِن دوسِتَ تان، فِدا ڪَرِيان فِي الحالُ،
ڪِئو نامَ نِھالُ، مُون کي مَحبُوبَنِ جي.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 8 ]
دُنِيا تَنھِن دوسِتَ تان، فِدا ڪَرِيان فِي الحالُ،
ڪِئو نامَ نِھالُ، مُون کي مَحبُوبَنِ جي.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 8 ]
حالُ قُربانُ مالُ قُربانُ، جانِ قُربانُ، گهورِئان لُڊاڻو،
فِدا ٿِيءَ فَقِيرِ سين، رُسي مَ راڻو،
مُيِنِ سين ماڻو، مُناسِبُ نَہ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 29 ]
فِدا ٿِيءَ فَقِيرِ سين، رُسي مَ راڻو،
مُيِنِ سين ماڻو، مُناسِبُ نَہ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 29 ]
ڪَري موٽَ مَينڌَرو جي لُڊوڻِئان لالُ،
گهَرُ مِڙيوئِي گهورِيان، ھُوندَ پَنھِنجو حالُ،
راڻي ڌاران راڄَ ۾، مُون نَہ گُهرِجي مالُ،
سوڍي کي سُوالُ، ڪَرِيان ٿِي قُرِبَ جو.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 7 ]
گهَرُ مِڙيوئِي گهورِيان، ھُوندَ پَنھِنجو حالُ،
راڻي ڌاران راڄَ ۾، مُون نَہ گُهرِجي مالُ،
سوڍي کي سُوالُ، ڪَرِيان ٿِي قُرِبَ جو.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 7 ]
واڄَٽَ ويراڳِينِ جا، مُون وَٽِ وَڏو مالُ،
مَقالان مَھِندِ ٿِئا، ڪِينِهي وَٽَنِ قالُ،
نَڪو ماضِي مَنَ ۾، نَڪو اِستَقَبالُ،
حاصِلُ جَنِي حالُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 9 ]
مَقالان مَھِندِ ٿِئا، ڪِينِهي وَٽَنِ قالُ،
نَڪو ماضِي مَنَ ۾، نَڪو اِستَقَبالُ،
حاصِلُ جَنِي حالُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 9 ]
کاڄُ جَنِي جو کِکِيُون، مالُ جَنِي جا مَڏَ،
سَمي سيئِي سيڻَ ڪِئا، ھِيڻا جَنِ جا ھَڏَ،
ڄامَ پَرَتِيَئِي لَڏَ، سانگِيَنِ جِي سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 11 ]
سَمي سيئِي سيڻَ ڪِئا، ھِيڻا جَنِ جا ھَڏَ،
ڄامَ پَرَتِيَئِي لَڏَ، سانگِيَنِ جِي سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 11 ]
English Meaning
Property, goods, effects, wealth, cattle. Stock in cattle.