ماڻي جي سنڌي معنيٰ
انگل، ناز، نخري، لاڏ، آري، چاڳ، رسڻ، تال، ڇانگري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Blandishment, coquetry, dalliance, toying, airs and graces, affectation.
ماڻي جا بيتن ۾ حوالا
مومِنو ماتامُ واويلا، اَڄُ نَہ آيو اِمامُ، ھَئَي واويلا،
دُلدُل گهوڙو گهوٽَ جو، مَٿِسِ لالَ پَلاڻِي،
شيرَ شَهزادي لَڏِئو، سَيِّدَ سيجَ نَہ ماڻي،
اَنُ نَہ پاڻِي اُنِ کي، نَڪو وَٺَڙُنِ مِينھُن،
ھُئا سَٽاڻِيءَ جَنگِ ۾، ڏَھَ راتِيُون ڏَھَ ڏِينھَن.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 4 ]

چَندَنَ سين چِڪَ ڪَري، جِتِ رَنيائِين راڻي کي،
ھاڻي اُنِين ڀيڻِيين، وِرِھَ وَراڪا ڏي،
سوڍو سُڃَ ڪَري، مُومَلَ ماڻي ھَلِئو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 8 ]
ھاڻي اُنِين ڀيڻِيين، وِرِھَ وَراڪا ڏي،
سوڍو سُڃَ ڪَري، مُومَلَ ماڻي ھَلِئو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 8 ]
چَنيسَرَ سين چاڳُ، مَڇُڻ ڪا مُنڌَ ڪَري،
جان مُون پوءِ پَرُوڙِئو، اِيءُ نَہ ماڻي ماڳُ،
ڏَمَرِئو ڏُھاڳُ، سِگهو ڏي سُھاڳَڻِيين.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 31 ]
جان مُون پوءِ پَرُوڙِئو، اِيءُ نَہ ماڻي ماڳُ،
ڏَمَرِئو ڏُھاڳُ، سِگهو ڏي سُھاڳَڻِيين.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 31 ]
ڪَٽُ نَہ ڄاڻي ڪِي ٻئو، مَدو ۽ موڳو،
جو ماڻي نَہ جوڳو، تَنھِن کي مَولو مَليدا ڏي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 37 ]
جو ماڻي نَہ جوڳو، تَنھِن کي مَولو مَليدا ڏي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 37 ]
جِيئَن جِيئَن ڏَمَرَ ڪَنِ، تِيئَن نَشا نِينھَن جا،
مَحَبتَ مَحبُوبَنِ، ماڻي مان مَعلُومُ ٿِي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 17 ]
مَحَبتَ مَحبُوبَنِ، ماڻي مان مَعلُومُ ٿِي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 17 ]
English Meaning
Blandishment, coquetry, dalliance, toying, airs and graces, affectation.