ميھارُ جي سنڌي معنيٰ
مينھنُ وارو. مينھون چاريندڙُ، ميھرَ. سُھڻِيءَ جو معشوق.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Mehar, male character of Suhni Mehar folk tale. Suhni's beloved.
ميھارُ جا بيتن ۾ حوالا
گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، مَرُ چُورُ ٿِئي چُوڙو،
طالِبُ المولىٰ مُذَڪِرُ، اِيءُ ٻُڏَندَنِ ٻُوڙو،
گهورِئو ڏَمُ ڪُوڙو، مُون ميھارُ ئِي مَنَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 21 ]
طالِبُ المولىٰ مُذَڪِرُ، اِيءُ ٻُڏَندَنِ ٻُوڙو،
گهورِئو ڏَمُ ڪُوڙو، مُون ميھارُ ئِي مَنَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 21 ]
گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، مَرُ ٻِيڙَ ٿِئي ٻانھِين،
طالِبُ المولىٰ مُذَڪِرُ، اِيءُ پَرِ اَسانھِين،
پُئان مَ پانھِين، مُون ميھارُ ئِي مَنَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 22 ]
طالِبُ المولىٰ مُذَڪِرُ، اِيءُ پَرِ اَسانھِين،
پُئان مَ پانھِين، مُون ميھارُ ئِي مَنَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 22 ]
پُڇَنِ جٖي ميھارَ کي، پُڇي سي ميھارُ،
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، اي پَرُوڙِجِ پارُ،
تُرَھو تَنِي بارُ، عِشقُ جَنِي کي آڪِرو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 39 ]
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، اي پَرُوڙِجِ پارُ،
تُرَھو تَنِي بارُ، عِشقُ جَنِي کي آڪِرو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 39 ]
ڪِٿي ٿِئو ميھارُ، ڪِٿي ٿو گِهنڊُ گُڙي،
ڪِٿي دونھِين دوسَ جِي، ڪِٿي پَرِيُون پارُ،
جَنھِن مُون سَڀَ ڄَمارَ، جَرَ ۾ جهوتُون ڏِنيُون.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 17 ]
ڪِٿي دونھِين دوسَ جِي، ڪِٿي پَرِيُون پارُ،
جَنھِن مُون سَڀَ ڄَمارَ، جَرَ ۾ جهوتُون ڏِنيُون.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 17 ]
مَري مَ ميھارُ، وَٿاڻُ وِلِهو مَ ٿِئي،
وَڇُنِ جي وَڇارَ جو، وِنگو ٿِئي مَ وارُ،
ساھَڙُ مُون سِينگارُ، ماڻُهنِ ليکي ميھَڻو.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 23 ]
وَڇُنِ جي وَڇارَ جو، وِنگو ٿِئي مَ وارُ،
ساھَڙُ مُون سِينگارُ، ماڻُهنِ ليکي ميھَڻو.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 23 ]
چاھَڪَ چَرِي تارِ تَرِي، آيُون لُڙُ لِڱَنِ لائي،
آندا ڪَؤُنئرَ ڪُنڊِيين، پُورَنِ ۾ پائي،
ميھارُ مَ لاھي، مِھرَ پَنھِنجي مالَ تان.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 31 ]
آندا ڪَؤُنئرَ ڪُنڊِيين، پُورَنِ ۾ پائي،
ميھارُ مَ لاھي، مِھرَ پَنھِنجي مالَ تان.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 31 ]
گِهڙِئا سي چَڙِهئا، اِيھِين اَٿيئِي،
مَئي مَتي مَھِراڻَ ۾، پَئُہ ٽَپو ڏيئِي،
ميھارُ مِليئِي، سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 4 ]
مَئي مَتي مَھِراڻَ ۾، پَئُہ ٽَپو ڏيئِي،
ميھارُ مِليئِي، سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 4 ]
جيڏاھَن چِتَ چاھُ گهَڻو، آرُ پِہ اوڏاھِين،
وَڃي وَھُ واڪا ڪِئو، تِکو تِھائِين،
ميھارُ مِلائِين، لَهرِنِ ۾ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 12 ]
وَڃي وَھُ واڪا ڪِئو، تِکو تِھائِين،
ميھارُ مِلائِين، لَهرِنِ ۾ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 12 ]
پَلِيان پَلِيو نَہ رَھي، نِرتُون نِينھُن نِبارُ،
گِهڙان گهورِئُمِ جِندَڙو، اُٽَلَ مُون اوڀارُ،
جَنِي مَنِ ميھارُ، ھَلَڻُ تَنِي حَقُ ٿِئو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 13 ]
گِهڙان گهورِئُمِ جِندَڙو، اُٽَلَ مُون اوڀارُ،
جَنِي مَنِ ميھارُ، ھَلَڻُ تَنِي حَقُ ٿِئو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 13 ]
اُڀو تَڙِ ميھارُ، مَلاحَنِ سَڏَ ڪَري،
آئُون پُڻ وِجهان ھَٿَڙا، اَئِين پُڻ وِجهو ڄارُ،
گهورِيُون ڪارُونڀارُ، مانَ مِڙَنِھَئُون سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 4 ]