مَا زَاغَ الۡبَصَرُ وَمَا طَغٰى جي سنڌي معنيٰ
”نہ تہ ديد کُٽي نہ ئي وري حد کان اڳتي وڌي“
(قرآن مجيد جي سورہ النجم جي آيت نمبر 17)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
"The sight [of the Prophet] did not swerve, nor did it transgress [its limit]."
(Holy Quran, Soorah Al-najam, Ayah No: 17)
مَا زَاغَ الۡبَصَرُ وَمَا طَغٰى جا بيتن ۾ حوالا
مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا سَناسِيَنِ،
سَجِدَہ گاھَ سامِيين، گوڏا گودَڙِيَنِ،
فَڪَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَىٰ ، ٿا نانگا اِيئَن نَوَنِ،
اللَّهُ وَلِيُّ الَّذِينَ آمَنُوا يُخْرِجُهُم مِّنَ الظُّلُمَاتِ إِلَى النُّورِ ، اِھَڙِيءَ پُرِ پُرَنِ،
وَخَرَّ مُوسَىٰ صَعِقًا جوڳِي جُنگَ جَلَنِ،
ڪُلُّ مَنْ عَلَيْـهَا فَانٍ ، باقِي ڪِينَ پَچَنِ،
مَا زَاغَ الۡبَصَرُ وَمَا طَغٰى ، اِھَڙِي رَوِشَ رَوَنِ،
مُشاھِدو مَحبُوبَ جو، اُتي آديسِيَنِ،
بِى يَسْمَعُ وَ بِى يُبْصِرُ ، بِي وِصالِ وِھَنِ،
بي يَمشِي وَ بي يَنطِقُ ، ٿا ايھِيءَ چالِ چَلَنِ،
سَيِّدُ چئَي سَندِيَنِ، تُون ڪَلَ پُڇين ٿو ڪِھَڙِي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 1 ]

زييَئُون زاھِدَ زُھِدَ سين، پُختا ٿِئا پَچِي،
ڪَڍِي ڇَڏِيائُون ڪُڙِه مان، ڪوجِهي ڳالِهہ ڪَچِي،
اُبَٺِئا عِبادَتَ ۾، مانجِهي مَرِدَ مَچِي،
وَمَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَالْاِنْسَ اِلَّا لِيَعْبُدُوْنِ ، سُڻِئو سُڌِ سَچِي،
اُڪنڊَ ساڻُ اَچِي، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 11 ]

ھيڪَرَ ھُئَڻُ ڇَڏِ، تَہ اوڏِي ٿِيين عَجِيبَ کي،
مَا راَيْتُ شَيْئاً اِلَّا وَرَاَيْتُ اللہَ فِيْهِ ، نيئِي اَجها اوڏاھِين اَڏِ،
تَہ ھوتُ تَوِھِين کان ھَڏِ، پِرِين پاسي نَہ ٿِئي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 12 ]

ڄاڻِي سُڃاڻِي، وِھان ڪِيئَن ماٺِ ڪَري،
اَندَرِ آڳِ عِشقَ جِي، اَپَرِ اُڌاڻِي،
اَلْعِشْقُ نَارٌ يُحْرَقُ مَا سِوَا الْمَحْبُوْبِ ، کُوري ۾ کاڻِي،
آھي آرِياڻِي، ٻِئو سَرَتِيُون سُڄي ڪِينَ ڪِي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 18 ]

دالَئُون دُونھُون دَردَ جو، دِلِ ۾ دُکائِينِ،
آڻِئو آڳِ عِشقَ جِي، چَقمَقُ چُهٽائِينِ،
جِيءُ پَنھِنجو جوشَ ۾، پَل پَل پَچائِينِ،
اَلْعِشْقُ نَارٌ يُحْرَقُ مَا سِوَا الْمَحْبُوْبِ ، ماتَمُ مَچائِين،
خَطِرا سَڀَ کانئينِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 8 ]

ڪونِهي قادِرُ ڪو ٻِئو، اُنِين جو اَڀاڳُ،
قُلْ لَنْ يُصِيبَنَا إِلاّ مَا ڪَتَبَ اللهُ ، اِيءُ مَعذِرَتَ ماڳُ،
سَڀوئِي سَڀاڳُ، مارُئِيءَ مُساوِي ٿِئو.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 12 ]

اَڄُ پُڻ آندِيُون اوٺِيين، ڪِتابَتُون ڪي،
ڳالِهيُون ڳوٺايَنِ جُون، سُڻُ تُون عُمَرَ سي،
نٓ وَ الْقَلَمِ وَ مَا یَسْطُرُوْنَ ، پاتا پيرَ پِريين،
حٰم طٰس يٰس جا، اُهڃَ ڏِنائُون اي،
موڪَلَ ڏي مُون کي، ساڻيھَ جِي سَيِّدُ چئَي.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 19 ]
ڳالِهيُون ڳوٺايَنِ جُون، سُڻُ تُون عُمَرَ سي،
نٓ وَ الْقَلَمِ وَ مَا یَسْطُرُوْنَ ، پاتا پيرَ پِريين،
حٰم طٰس يٰس جا، اُهڃَ ڏِنائُون اي،
موڪَلَ ڏي مُون کي، ساڻيھَ جِي سَيِّدُ چئَي.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 19 ]
English Meaning
"The sight [of the Prophet] did not swerve, nor did it transgress [its limit]."
(Holy Quran, Soorah Al-najam, Ayah No: 17)
مَا زَاغَ الۡبَصَرُ وَمَا طَغٰى ٻول جا زمرا