مَيا جي سنڌي معنيٰ
مھرباني، ٻاجهہ، ڀلائي، رحم، قرب، ديا، ٿورو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Pity, compassion, kindness.
مَيا جا بيتن ۾ حوالا
ھَڻي جَي حَبِيبُ، مُحبَتِي مَيا ڪَري،
پُڇان ڪِينَ طَبِيبُ، ھُوندَ گهاوَنِ سين ئِي گهارِيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 10 ]

راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پِرتِ نَئِين پَنڌُ پُورِ،
مَيا مَحبُوبَنِ جي، ھَلِي وانءُ حُضُورِ،
جي چُڻِڪَن چِتَ ۾، سي ڪِيئَن سَڄَڻَ ڏُورِ،
اللهَ لَڳِ اَسُورِ، اُتائِين ٿِي آءُ تُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 2 ]

راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پِرتِ نَئِين پَنڌُ پَسُ،
مَيا مَحبُوبَنِ ڏي، وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ،
راتِين ھَلِي رَسُ، کَرَنِ خَبَرَ نَہ ٿِئي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 3 ]

مَيا مَڃُ مِنَٿَ، اَڄُ مُنھِنجِي ڪَرَھا،
جهاڳِيندي جَرَ پَٽِيُون، مَتان ڪَرِيين ڪَٿَ،
سُپيرِيان جي سَٿَ، مُون کي نيئِي ميڙِيين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 6 ]

مَيا تو مَھارَ، سَڄِي پايان سونَ جِي،
چارِيَئِين چَندَنَ چوٽِيُون، نائي ميندِيءَ ڏارَ،
سَندِيءَ پِيَ پَچارَ، جي مُون راتِ رَساڻِيين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 12 ]

ھوتَ سي ھَلَڻَ ھارا، جيڏِيُون ڪِيئَن ڪَرِيان آئُون اُنِ سين،
کُوءِ پَلَنگَ ٻَنِ ماڙِيُون، کِيَڻَ ٿِيَڙَمِ کارا،
سُونھَنِ سُپَيرِيَن جا، آتَڻَ وَٽِ اوتارا،
آھِيان پَٿِ پُنهونءَ جي، ڪَندِيَس ڪُنَرَ ڪارا،
پيرُ مَ ڇَڏِجِ پِرِينءَ جو، ھئَي ھئَي ھَٺَ اَسارا،
ڪيچِيَنِ ڪَرَھَ پَلاڻِئا، مَيا سي ٿِئَڙَمِ مارا،
ساري سُپَيرِيَن کي، رُوَندا سي نيڻَ ويچارا،
اَنڌِيَنِ آسَرَ آھِين، موٽِجِ مُحِبَ موچارا،
ويٺو ڏي ڏُکِيءَ کي، پُنَهلُ ڄامُ پُوڄارا.
[ سُر آبڙي، وايون، 11 ]

رِڻُ پَسِئو روڇا ڪَرِيين، چانگا چَڱي نَہ اِيئَن،
تاڻِي نِيندَءِ تَڪِڙو، مَيا مُومَلَ سِيئَن،
تَڏِھِين ڪَندين ڪِيئَن، جَڏھِن تاڙي ڏيندَءِ طاقَ کي.
[ سُر راڻو، وايون، 9 ]

ڪاھِ مَيا ڪَرَھَلَ، ريلِ تَہ پَسُون راڻِيُون،
تاڻي وَڃِجِ تِتَھِينِ، جِتِ طَرَحَ موچارا تَرھَلَ،
اَسِين ماڻِيُون مُومَلَ، تُون نايو ناگِيلا چَرِين.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 2 ]

گَنگا گَجِي ھَلِئا، مَيا ماٺِ نَہ ڪَنِ،
اِنَ اوسِيئَڙي پَنڌَ جي، چِنُو نَہ چانگَنَ،
ھُو ٿا ھوتَ ھَلَنِ، توکي ڳَھَرَ ڳَرو ڪِئو.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 1 ]