مَھارَ جي سنڌي معنيٰ
اٺ کي ھلائڻ واري رسي، جانور جي نڪ ۾ ٻڌل رسي جنھن سان ان کي ھلائي سگهجي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The rein by which a camel is guided or led, a camel halter. A gum of the mouth.
مَھارَ جا بيتن ۾ حوالا
مُٺِيَسِ جَهلِ مَھارَ، ڪُٺِيَسِ ڪاھِ مَ ڪَرَھو،
مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري، ڀيرو ڪَرِ ڀَتارَ،
ساجَنَ تُھان ڌارَ، ڏِٺُمِ ڏِينھُن قِيامَ جو.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 1 ]
مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري، ڀيرو ڪَرِ ڀَتارَ،
ساجَنَ تُھان ڌارَ، ڏِٺُمِ ڏِينھُن قِيامَ جو.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 1 ]
ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِيَنِ ڳُتِيَسِ مَھارَ،
چانگا چَندَنُ چارِيَيِئن، اَٺَئِي پَھرَ اَپارَ،
سَندِيءَ پِيَ پَچارَ، جَي مُون راتِ رَساڻِيين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 11 ]
چانگا چَندَنُ چارِيَيِئن، اَٺَئِي پَھرَ اَپارَ،
سَندِيءَ پِيَ پَچارَ، جَي مُون راتِ رَساڻِيين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 11 ]
مَيا تو مَھارَ، سَڄِي پايان سونَ جِي،
چارِيَئِين چَندَنَ چوٽِيُون، نائي ميندِيءَ ڏارَ،
سَندِيءَ پِيَ پَچارَ، جي مُون راتِ رَساڻِيين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 12 ]
چارِيَئِين چَندَنَ چوٽِيُون، نائي ميندِيءَ ڏارَ،
سَندِيءَ پِيَ پَچارَ، جي مُون راتِ رَساڻِيين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 12 ]
ھُونگَرَ ھَلايومِ، ڏِئو موڙَ مَھارَ جِي،
وَسان جي وِئومِ ڪَرَھو تي ڪاموُن سَھي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 49 ]
وَسان جي وِئومِ ڪَرَھو تي ڪاموُن سَھي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 49 ]
English Meaning
The rein by which a camel is guided or led, a camel halter. A gum of the mouth.