مَھيسِي جي سنڌي معنيٰ
مھا ايشور (شِو) جو پوڄيندڙ، مھيشور (ايشور) جا پوڄاري يا چيلا، جوڳي فقيرن جو ھڪ قسم. شراب جو ڌڻي، پير مغان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Follower of Lord Shiva, kind of Jogis, god of wine.
مَھيسِي جا بيتن ۾ حوالا
پِنَنِ ڪِينَ پَٽُ کَڻِي، گُهرَنِ ڪِينَ گهَران،
مَھيسِي مَخلُوقَ جي، اُڀِيَنِ دُورِ دَران،
پُڇَنِ توءِ شَرَعَ، جَي عَدالَتَ اُنِ کي.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 5 ]
مَھيسِي مَخلُوقَ جي، اُڀِيَنِ دُورِ دَران،
پُڇَنِ توءِ شَرَعَ، جَي عَدالَتَ اُنِ کي.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 5 ]
سَنجهي رَھَنِ سُمَهِي، وِچِينءَ ويٺا ھُونِ،
آڌِيءَ راتِ اُٿِي ڪَري، راوَلَ رَتو رُونِ،
وِھاڻِيءَ واٽنِ تي، پاسا کوڙِئو پُونِ،
مَھيسِي مُنھُن پانھِنجو، ڌاران ڌُوڙِ نَہ ڌُوَنِ،
اِيئَن ڪَنھِن کي نَہ چُوَنِ، تَہ آديسِي آھِيُون.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 8 ]

جوڳِي آھِينِ جُوءِ ۾، پَرَ نِھارِيندَڙُ ناھِ،
جٖي مَھيسِي مَنَ ماھِ، سي ٿاڻي ٿورا ڪاپَڙِي.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 7 ]
جٖي مَھيسِي مَنَ ماھِ، سي ٿاڻي ٿورا ڪاپَڙِي.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 7 ]
English Meaning
Follower of Lord Shiva, kind of Jogis, god of wine.