مُرادُون جي سنڌي معنيٰ
گهُرون، طلبون، ڇِڪون. چاھ، چاهتون، چاهنائون. خواهشون، اِڇائون، مَنشائون، سَڌون، دل جا لاڙا، آرزو، ارادا، نِيتون، مقصد، مدعا، اُميدون، مرضيون، آسون. اَرٿ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Desires, wishes, intentions, designs, hopes.
مُرادُون جا بيتن ۾ حوالا
آھِنِمِ ڳالِهڙِيُون، ماءَ مُرادُون پِرِينءَ سين،
جٖي مان پييُون پِرِينءَ ري، کُوءِ سي راتِڙِيُون،
جٖي مان اورِيُون پِرِينءَ سين، وَرُ سي راتِڙِيُون ،
پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِين جي، پاتِيُمِ جهاتَڙِيُون،
آڌِيءَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ڪُھَنِ ڪاتَڙِيُون.
[ سُر کنڀات، وايون، 3 ]

وَڻِجارو آيو، ماءَ مُرادُون پُنِيُون،
مُعَلِمُ ڪَري مُوڙَھَنِ جو، ھادِيءَ ھَلايو،
سامُونڊِيَنِ سَفَرَ جو، سَدائِين سَعيو،
اُونِهي وَڃَنِ اوھَرِي، ڪو ڏيھُ چِتايو،
اُنِ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ٿِئو سَفَرُ سَجايو.
[ سُر سامونڊي، وايون، 12 ]
مُعَلِمُ ڪَري مُوڙَھَنِ جو، ھادِيءَ ھَلايو،
سامُونڊِيَنِ سَفَرَ جو، سَدائِين سَعيو،
اُونِهي وَڃَنِ اوھَرِي، ڪو ڏيھُ چِتايو،
اُنِ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ٿِئو سَفَرُ سَجايو.
[ سُر سامونڊي، وايون، 12 ]
آيَلِ پُنِيُون، ماءَ، مُون مُرادُون پُنِيُون،
جِھَڙِي پِريان ڳالِهڙِي، تِھَڙِي ٻِي نَہ ڪا،
ڪِجي تَہ ڪوڏُ ٿِئي، سُڄي تَہ سِيباءِ،
ويھُ داتا جي دَرَ تي، شُڪُرُ جَنھِن سُھاءِ،
ڪانِهي حَدَ حَمدَ جِي، تَہ ڪَرِيان لالَنَ لاءِ،
ڳَڻِيو ڳَڻِيان ڪيتِريُون، وَڏِيُون وَڏاياءِ،
سو مُونھان مُورِ نَہ سَپَجي، جيڪِي تو جُڳاَءِ،
تو سَڃِيُون تو سَندِيُون، سِڪَنِ تَوِھِين ساءِ،
اُڃَ تُنھِنجِيءَ اُڃِيُون، لُڇَنِ توئِي لاءِ،
دِلِ دانھُنِ ري نَہ رَھي، مُون کي ماٺِ جُڳاءِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 18 ]

ٻارَھين ڏِينھِن ٻَئِي، مَنَ مُرادُون پُنِيُون،
جوڳِي اِنَ جاٽا کي، ٿي سِڪِئا سَڀَيئِي،
سَمانا سيئِي، جٖي گُرَ گَڏِجِي آيا.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 12 ]
جوڳِي اِنَ جاٽا کي، ٿي سِڪِئا سَڀَيئِي،
سَمانا سيئِي، جٖي گُرَ گَڏِجِي آيا.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 12 ]
آندِيُون ڪانگَ قَرِيبَ جُون، اَڄُ واڌايُون واھَ،
مَنَ مُرادُون پُنِيُون، ٿِيُون سَرَھايُون ساھَ،
آندا پِرِين اللهَ، سَڏَ مُنھِنجا سابِ پِئا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 17 ]
مَنَ مُرادُون پُنِيُون، ٿِيُون سَرَھايُون ساھَ،
آندا پِرِين اللهَ، سَڏَ مُنھِنجا سابِ پِئا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 17 ]
English Meaning
Desires, wishes, intentions, designs, hopes.