واءَ جي سنڌي معنيٰ
ھوا، ھير، فضا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Wind, air.
واءَ جا بيتن ۾ حوالا
ھِڪَ تُراڙي گُناھَ، سَڀَيئِي سَنوارِئا،
پاڻِيءَ پارِي ناھِ ڪا، نَہ ڪا ويساندِ واءَ،
کاڌِي لَرِزَ لَطِيفُ چئَي، سَبَبَ اُنَ جي ساھَ،
ڪو فَضُلُ ڪَرِ فَتاحَ، ٻي تُراڙي ٻاجَهہ جو.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 17 ]
پاڻِيءَ پارِي ناھِ ڪا، نَہ ڪا ويساندِ واءَ،
کاڌِي لَرِزَ لَطِيفُ چئَي، سَبَبَ اُنَ جي ساھَ،
ڪو فَضُلُ ڪَرِ فَتاحَ، ٻي تُراڙي ٻاجَهہ جو.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 17 ]
سِسِيءَ ۾ سُرُ راڳُ، واءَ لَڳَندي وَڄِيو،
مِٽِي گَڏِي مِٽِيءَ کي، ڏِنو رُوحَ جَوابُ،
آدَمَ کي آوازُ، تِھان پوءِ پَيدا ٿِئو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 20 ]
مِٽِي گَڏِي مِٽِيءَ کي، ڏِنو رُوحَ جَوابُ،
آدَمَ کي آوازُ، تِھان پوءِ پَيدا ٿِئو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 20 ]
واءَ وِڃاءِ مَ سو، پُٺِيءَ جَنھِن پَنڌُ ڪَرِيان،
ڇَٽا ڇَپَرِ پِرِينءَ جو، پيرُ پَرنِئان تو،
بَرِ بُورائُو جو، سو لَڳِي مَتان لَٽِيين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 22 ]
ڇَٽا ڇَپَرِ پِرِينءَ جو، پيرُ پَرنِئان تو،
بَرِ بُورائُو جو، سو لَڳِي مَتان لَٽِيين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 22 ]
واءَ وِڃايُمِ ڪالَهہ، پُٺِي جَنھِن پَنڌُ ڪَرِيان،
وَڃَڻُ مُون واٽي پِئو، ھوتَنِ ڪارَڻِ حالَ،
جَبَلَ ڏورِيان جالَ، ڪارَڻِ پيرَ پُنُوھَ جي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 23 ]
وَڃَڻُ مُون واٽي پِئو، ھوتَنِ ڪارَڻِ حالَ،
جَبَلَ ڏورِيان جالَ، ڪارَڻِ پيرَ پُنُوھَ جي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 23 ]
ٻيُون سَڀَ سَڱِيڻِيُون سَرَتِيُون، مُون چُکَ سين چاءُ،
اَندَرِ آھي ڳالِهڙِي، ڪوھِيارِي جِي ڪا،
لَڳُمِ ذَرو واءَ، سَڄو سَڱُ نَہ سارِيان.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 14 ]
اَندَرِ آھي ڳالِهڙِي، ڪوھِيارِي جِي ڪا،
لَڳُمِ ذَرو واءَ، سَڄو سَڱُ نَہ سارِيان.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 14 ]
وِلِهُون ويلا واءَ، سامِيَنِ سَٺا سِرَ تي،
اَجهو ري اللهَ، ڪونِهي ڪاپَڙِيَنِ جو.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 14 ]
اَجهو ري اللهَ، ڪونِهي ڪاپَڙِيَنِ جو.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 14 ]
ڪا ھِنيَين سين لاءِ ڀورِي، ڪاھِنيين سين لاءِ،
پَھِيُون تُنھِنجُون جِهرڪِنِ جَهٽِيُون، ٻِيُون اُڏايُون واءَ،
اَرِٽُ پَسِي اوجَهرين، توکي سُمَهڻَ آيو ساءُ،
سَنجهي سُمهين صُبحِ سُمهين وَھي سَڀَ وَھِياءِ،
جَڙَ جَنِي جي جانِ ۾، سي لوچَنِ لالَڻَ لاءِ،
تُنبائي تاڪِيدَ سين، جَنِ پَڃايو پاءُ،
لَسِي تَندُ لَطِيفُ چئَي، ھَلِي تَنِ ھَٿان.
[ سُر ڪاپائتي، وايون، 1 ]