واءُ جي سنڌي معنيٰ
وايو منڊل، ھوا، موقعو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Wind, event
واءُ جا بيتن ۾ حوالا
دوسُ پيھِي دَرِ آئِيو، ٿِئو مِلَڻَ جو ساعِيَو.
ڏِينھَن پُڄاڻُون آڻي اَسان کي، مَولا مُحِبُ مِلائِيو،
وِيو وِڇوڙو، ٿِيو مَيلاپو، واحِدَ واءُ وَرائِيو،
هُو جَنھِين جو ڏَسُ ڏُوراڏو، اوڏو اَڄُ سو آئِيو،
عَبدِالْلَطِيفُ چئَي اَچِي عَجِيبَنِ، پاڻَ فَضُلُ فَرمائيو،
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 6 ]

وَڏَپَڻُ ۽ واءُ، ڪَرَھي کاڏو کوڙِئو،
ساڻُو ٿِيُسِ ساھُ، ھاڻي پَلاڻُ ئِي نَہ کَڻي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 20 ]
ساڻُو ٿِيُسِ ساھُ، ھاڻي پَلاڻُ ئِي نَہ کَڻي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 20 ]
وَڏَپَڻَ ۽ واءُ، ڪَرَھي کاڏو کوڙِئو،
کُوءِ ٻَنِ پَلاڻِئا، اولاڻِئو نَہ اُٿِيي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 21 ]
کُوءِ ٻَنِ پَلاڻِئا، اولاڻِئو نَہ اُٿِيي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 21 ]
سامُونڊِي ٿو سَنبَھين، ساڄو جَهلِ سُکانُ،
لَڳي واءُ وَڏاندَرو، مُنجهائي مَھِراڻُ،
جَنِي ڀانيو پاڻُ، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 4 ]
لَڳي واءُ وَڏاندَرو، مُنجهائي مَھِراڻُ،
جَنِي ڀانيو پاڻُ، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 4 ]
ايندين تان آءُ، ھَڻِي ھَٿُ پَڳَھَ ۾،
لَڳي واءُ سُواءُ، سِڙُه سانباھِي نَہ سَھي.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 5 ]
لَڳي واءُ سُواءُ، سِڙُه سانباھِي نَہ سَھي.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 5 ]
اُھَرِئا جِئائِين، ڍُڪَنِ تَنِ تَرائِيين،
سامُونڊِيَنِ سائِين، واءُ سَڻائو وارِيين.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 17 ]
سامُونڊِيَنِ سائِين، واءُ سَڻائو وارِيين.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 17 ]
وَڻِجاري ڪانڌا، مُون وَرُ ويٺي گَهارئو،
لَڳي اُتَرَ واءُ، ڍولو ھَلَڻَ جُون ڪَرَي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 17 ]
لَڳي اُتَرَ واءُ، ڍولو ھَلَڻَ جُون ڪَرَي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 17 ]
سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، اُتَرَ وَرِيُنِ واءُ،
ٻارَھين ماھِ نَہ موٽِئا، سَمُنڊَ آيُنِ ساءُ،
جيڪُسِ لَڪا کانءِ، اوڏاھِين آسودا ٿِئا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 13 ]
ٻارَھين ماھِ نَہ موٽِئا، سَمُنڊَ آيُنِ ساءُ،
جيڪُسِ لَڪا کانءِ، اوڏاھِين آسودا ٿِئا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 13 ]
سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، اُتَرَ واءُ وَرِيونِ،
ٻارَھِين ماھِ نَہ موٽِئا، سَمُنڊَ ڪاڄُ سَرِئونِ،
ٻَرِ ٻَرِسُورُ سَندونِ، اَڄُ ڪَنھِن سين اورِيان.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 14 ]
ٻارَھِين ماھِ نَہ موٽِئا، سَمُنڊَ ڪاڄُ سَرِئونِ،
ٻَرِ ٻَرِسُورُ سَندونِ، اَڄُ ڪَنھِن سين اورِيان.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 14 ]
سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، وَرِيُنِ واءُ اُتَرَ،
ٻارَھين ماھِ موٽِئا، وِئا پَروڪِيءَ پَرَ،
سُڃا سامُونڊِيَنِ ري، بازارِيُون بَندَرَ،
کَڻِيو سُورَ سَمَرَ، اَڄُ ڪَنھِن سين اورِيان.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 15 ]
ٻارَھين ماھِ موٽِئا، وِئا پَروڪِيءَ پَرَ،
سُڃا سامُونڊِيَنِ ري، بازارِيُون بَندَرَ،
کَڻِيو سُورَ سَمَرَ، اَڄُ ڪَنھِن سين اورِيان.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 15 ]
English Meaning
Wind, event