ويسَرِي جي سنڌي معنيٰ
ويسر کاڌِي، ويسري، وسوڙل، غافل، بي خبر، وساريندڙ، ويسِلي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Forgetful.
ويسَرِي جا بيتن ۾ حوالا
اَڃا تُون اَواٽَ، واٽان پاسي ويسَرِي،
سُونھين ٿِيءُ سُواٽَ، تَہ مَنجهان دِلِ دُکُ لَھي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 5 ]
سُونھين ٿِيءُ سُواٽَ، تَہ مَنجهان دِلِ دُکُ لَھي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 5 ]
اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، ڪَمِ نَہ ڪُنماٽِي،
سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي، جا گهائِي گُهنماٽِي،
پيئِي پيشِ پُنهونءَ جي، اُسُنِ ۾ آٽِي،
جا لُڪُنِ لُوساٽِي، سا سيڄَ چَڙَھَندِي سَسُئِي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 6 ]
سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي، جا گهائِي گُهنماٽِي،
پيئِي پيشِ پُنهونءَ جي، اُسُنِ ۾ آٽِي،
جا لُڪُنِ لُوساٽِي، سا سيڄَ چَڙَھَندِي سَسُئِي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 6 ]
مُون ۾ عَيبَ اَپارَ، يارَ سَتارَ، آئُون جا،
طامِعِ آھِيان توھَ جي.
اَمُرَ اوڏِي نَہ وَڃان، نَھِيءَ ڪِيَسِ نِڪارَ،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ جي، توکي سُڌِ سَتارَ،
ھِڪُ وِڃايَمِ ويسَرِي، ڄاڻِي سَڀَ ڄَمارَ،
جيڪِي وَھي وُجُودَ ۾، سو تُون ڄاڻين ڄاڻَڻَھارَ،
جِيئَن سي گُلَ گُلابَ جا، کِڙِئا کَٽَڻَھارَ،
مُنھِنجِي سِڪَ سَيِّدَ ڏي، مَدِيني موچارَ.
[ سُر بلاول، وايون، 1 ]

ڪَتي نَہ ڪُوڙِي، پائي ڏوۡرِ اَرٽَ ۾،
وِھانءِ جي واڌائِيين، ڀُڻي سَنڀُوڙي،
مَٿي جَنھِن مُوڙِي، سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 6 ]
وِھانءِ جي واڌائِيين، ڀُڻي سَنڀُوڙي،
مَٿي جَنھِن مُوڙِي، سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 6 ]
ڏُونگَرَ تان ٻيلِي، ڏِجي ٻَنِ ٻيلِيَنِ ري،
سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي، سُورَنِ سَھيلِي،
چوٽِي چَنبيلِي، جِيئَن تِيئَن جهاڳي اُکَتِي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 2 ]
سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي، سُورَنِ سَھيلِي،
چوٽِي چَنبيلِي، جِيئَن تِيئَن جهاڳي اُکَتِي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 2 ]
English Meaning
Forgetful.