ويچارِيءَ جي سنڌي معنيٰ
بي حيليءَ، بي وسيليءَ، بي واهيءَ، بيڪس، نڌڻڪيءَ، بي پھچ، لاچار، عاجز، نِڌريءَ، آٻاليءَ، اَڌين. ڪمبخت، نڀاڳيءَ، بدبخت، نِدوريءَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Helpless, unfortunate, forlorn.
ويچارِيءَ جا بيتن ۾ حوالا
ويچارِيءَ وَڻِڪارُ، اَڳُ نَہ ڏِٺو ڪَڏِھِين،
مِھرَ نَہ ھُئِي ماڻُهين، ھو سَڀُ ھِندُوڪارُ،
جَتُ ڪِيائين يارُ، سُورَنِ ڪارَڻِ سَرَتِيُون.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 10 ]
مِھرَ نَہ ھُئِي ماڻُهين، ھو سَڀُ ھِندُوڪارُ،
جَتُ ڪِيائين يارُ، سُورَنِ ڪارَڻِ سَرَتِيُون.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 10 ]
پَسو پَراوَنِ، سُورَنِ آڏِي سَسُئِي،
پُراڀا پَنھِنجَنِ، وِجَهنِ ويچارِيءَ تي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 26 ]
پُراڀا پَنھِنجَنِ، وِجَهنِ ويچارِيءَ تي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 26 ]
ڇَپَرِ اوتارا ڪَري، ماڻِيائِين مَزا،
پَريٽِ کي پَٻَ ۾، ڪارِئو پَنڌُ قَضا،
وَسِ نَہ ويچارِيءَ جي، سَندِي رَبَ رَضا،
مَٿان جانِ جَزا، لاٿائِين لَطِيفُ چئَي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 23 ]
پَريٽِ کي پَٻَ ۾، ڪارِئو پَنڌُ قَضا،
وَسِ نَہ ويچارِيءَ جي، سَندِي رَبَ رَضا،
مَٿان جانِ جَزا، لاٿائِين لَطِيفُ چئَي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 23 ]
پَنڌُ مِڙيوئِي پاڻَ تي، ويچارِيءَ وِڌو،
ڏِيلُ تَنھِن جو ڏُکَ سين، سَڀوئِي سِڌو،
ھُئَڙُسِ اَڳَ لِڌو، پوءِ ٿِي ڪَري پَنڌَڙا.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 27 ]
ڏِيلُ تَنھِن جو ڏُکَ سين، سَڀوئِي سِڌو،
ھُئَڙُسِ اَڳَ لِڌو، پوءِ ٿِي ڪَري پَنڌَڙا.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 27 ]
ڏِينھان ڏارِيءَ روءِ، راتِيان روءِ رَتَ ڦُڙا،
مَنجِهہ ويچارِيءَ ووءِ، ٻَھران ٻِي ٻِيَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 8 ]
مَنجِهہ ويچارِيءَ ووءِ، ٻَھران ٻِي ٻِيَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 8 ]
وِلاڙِيو وَڻين چَرِھي، ڏُسڪي مَنجِهہ ڏارَنِ،
ڏِئو لَتُون لامُنِ تي، چَڙِهي سِرِ چوٽِنِ،
ويچارِيءَ ويساھِين نَہ ڏي، پاڻِي کان پِنبِڻَنِ،
لَسَ کان لُڙِڪَنِ، آڏو ڌُنڌُ اَچِي وِئو.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 21 ]
ڏِئو لَتُون لامُنِ تي، چَڙِهي سِرِ چوٽِنِ،
ويچارِيءَ ويساھِين نَہ ڏي، پاڻِي کان پِنبِڻَنِ،
لَسَ کان لُڙِڪَنِ، آڏو ڌُنڌُ اَچِي وِئو.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 21 ]
رَنجَلَ پِئَڙَسِ رافَ، ڪَندي پَنڌُ پَھاڙَ ۾،
رَڪَبَ کوڙِئو روھَ تي، ڪَري ڪاھُون مَٿي ڪافَ،
آھيسَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سِڪَ پِريان ڏي صافَ،
آرِياڻِيءَ اِنصافَ، وَٺِتا ويچارِيءَ جا.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 18 ]
رَڪَبَ کوڙِئو روھَ تي، ڪَري ڪاھُون مَٿي ڪافَ،
آھيسَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سِڪَ پِريان ڏي صافَ،
آرِياڻِيءَ اِنصافَ، وَٺِتا ويچارِيءَ جا.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 18 ]
ھِينئَڙو ٿو ھُنَ ساري مُنھِنجو ساھُ سَيِّدَ کي ٿو ساري،
جيڏِيُون آئُون ھَلَندِي ويندِي ھوتَ ڏي،
جيرو اَندَرِ جِندَڙي، وِئو ٻاروچو ٻاري،
سَچو سُخُنُ سُپِرِين، قَولُ پُنَهلُ پَنھِنجو پاري،
پَنڌَ اَڙانگا پَٽِيين، مُون کي ڪوھِيارو ٿو ڪاري،
ھوتَنِ ھَلَڻُ مَنَ ۾، ڪيرَ گهَڙِي ھِتِ گهاري،
آسَرَ ڀَري آھِيان، واحِدُ آڻينِ واري،
وِڌا ڪَمَ ڪَرِيمَ تي ھِنَ ويچارِيءَ واري.
[ سُر ديسي، وايون، 3 ]

ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، اُٺَنِ چَڙِهي اُوءِ،
وَڃَنِ ويچارِيءَ سين، ھاڃو ڪِئو ھُوءِ.
پُنهونءَ ڪارَڻِ پَٻَ ۾، ڇُلِئو ڇَپَرِ پوءِ،
رَندَ نِھارِئو روءِ، راتِ نَہ رَھَئا ھيڪَڙي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 9 ]
وَڃَنِ ويچارِيءَ سين، ھاڃو ڪِئو ھُوءِ.
پُنهونءَ ڪارَڻِ پَٻَ ۾، ڇُلِئو ڇَپَرِ پوءِ،
رَندَ نِھارِئو روءِ، راتِ نَہ رَھَئا ھيڪَڙي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 9 ]
توڏَنِ موڏَنِ تَڪِڙِي، ويچارِيءَ وائِي،
جَتَنِ پانهِنجِيءَ جُوءِ جِي، سُڌِ نَہ سُڻائِي،
جِيئَري جُدائِي، ڪيچِيَنِ سين ڪا مَ ٿِئي.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 3 ]
جَتَنِ پانهِنجِيءَ جُوءِ جِي، سُڌِ نَہ سُڻائِي،
جِيئَري جُدائِي، ڪيچِيَنِ سين ڪا مَ ٿِئي.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 3 ]
English Meaning
Helpless, unfortunate, forlorn.