وَڃِئو جي سنڌي معنيٰ
وڃڻ جو گردان، وڃي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Go, going
وَڃِئو جا بيتن ۾ حوالا
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، جانۡ ٿو چَئِين اِيئَن،
تانۡ مَڃُ مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، نِرتو مَنجهان نِينھَن،
تان تُون وَڃِئو ڪِيئَن، نائِين سِرُ ٻِئَنِ کي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 2 ]
تانۡ مَڃُ مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، نِرتو مَنجهان نِينھَن،
تان تُون وَڃِئو ڪِيئَن، نائِين سِرُ ٻِئَنِ کي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 2 ]
دَران مَنجِهہ دوسُ ٿِئو، موٽِي پُڇُ پانھِين،
عَبَثُ اَڳاھِين، وَڃِئو ڪُوڪِين ڪانڌَ کي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 6 ]
عَبَثُ اَڳاھِين، وَڃِئو ڪُوڪِين ڪانڌَ کي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 6 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، روھَ جَبَلَ روڏا،
وَڃِئو چَڙِهي اُنِ تي، جي اَڀَنِ کي اوڏا،
آھِينِ اَڻَ سُونھِن کي، ڀَر لَڪَنِ لوڏا،
ڪوھِيارِي ڪوڏا، مَعذُورِ مَرَڻُ مَڃِئو.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 5 ]
وَڃِئو چَڙِهي اُنِ تي، جي اَڀَنِ کي اوڏا،
آھِينِ اَڻَ سُونھِن کي، ڀَر لَڪَنِ لوڏا،
ڪوھِيارِي ڪوڏا، مَعذُورِ مَرَڻُ مَڃِئو.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 5 ]
ساٿِي نَہ پَسان سي، جٖي ھُئَمِ ھِنيَين ٿُوڻِيُون،
ھاڻي ڪَنِي جٖي، وَڃِئو اَڱَڻِ اُڀِيان.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 13 ]
ھاڻي ڪَنِي جٖي، وَڃِئو اَڱَڻِ اُڀِيان.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 13 ]
ڇا کي وَڃِئو ڇو، ٻيلِي رَھين ٻِئَنِ جو،
وَٺُ ڪَنجَڪَ ڪَرِيمَ جِي، جَڳَ ۾ آھي جو،
سَھکو ھُوندو سو، جَنھِن جو عِشقُ اللهَ سين.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 1 ]
وَٺُ ڪَنجَڪَ ڪَرِيمَ جِي، جَڳَ ۾ آھي جو،
سَھکو ھُوندو سو، جَنھِن جو عِشقُ اللهَ سين.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 1 ]
راڻو ڀانيو راندِ، وَڃِئو ڪِيئَن وِڙَ رانِئيُين،
وَرُ وِڏُوھِئو اِينھَئِين، جِيئَن پَرُ پُڄِتوءِ پاندِ،
ھَئَي ڀَڳِيَئِي ھيڪاندِ، سوڍو سارِيندينءَ گهَڻو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 1 ]
وَرُ وِڏُوھِئو اِينھَئِين، جِيئَن پَرُ پُڄِتوءِ پاندِ،
ھَئَي ڀَڳِيَئِي ھيڪاندِ، سوڍو سارِيندينءَ گهَڻو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 1 ]
ڏُورِ وَڃِئو ڏِينھَن لائي، ڪا مُنھِنجي سوڍي سَمجهائي،
جيڏِيُون راڻي کي رَحمُ پَئي،
ڇَنا مَنَھَن ماڙِيُون اوڏاھِين اَڏائي،
ميڙِ مُنجان ٿي مَينڌَري، پاندُ ڳِچِيءَ ۾ پائي،
ميڙِ منھِنجِي مَينڌَرو، مانَ موٽائي،
ساھُ مُنھِنجو سُپِرِين، ڪامَ وَٺِئِو ٿو ڪاھي،
ساڻيھَ مَٿي سُپِرِين، واڳُون وَرائي،
فَقِيرِ مِينھَن فِراقَ جا، ويٺِي وَسائي.
[ سُر راڻو، وايون، 8 ]

چَنيسَرُ چَورَنگُ، ٻِہ رَنگُ لوڪُ ٻِئو،
تَنھِن سين ڇِنِئو سَڱُ، وَڃِئو ھارُ ھَٿِ ڇُھين.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 12 ]
تَنھِن سين ڇِنِئو سَڱُ، وَڃِئو ھارُ ھَٿِ ڇُھين.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 12 ]
گُنگي جي ٻُجَهنِ، اَدَبُ ڪِجي اُنِ جو،
نَنڍِي وَڏِي ڳالِهڙِي، سَڄَڻَ ٿا سَمجَهنِ،
تُون ڪِيئَن اَڳِئان تَنِ، وَڃِئو وِلَلِين واتَ سين.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 43 ]
نَنڍِي وَڏِي ڳالِهڙِي، سَڄَڻَ ٿا سَمجَهنِ،
تُون ڪِيئَن اَڳِئان تَنِ، وَڃِئو وِلَلِين واتَ سين.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 43 ]
اَکَڙِيُنِ کي آھِينِ، عَجَبَ جِھَڙِيُون عادَتُون،
سُورَ پَرائي ساٿَ جا، وَڃِئو وِھائِين،
اُتي لَنئُن لائِينِ، جِتِ حاجَتَ ناھِ ھَٿِيارَ جِي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 14 ]
سُورَ پَرائي ساٿَ جا، وَڃِئو وِھائِين،
اُتي لَنئُن لائِينِ، جِتِ حاجَتَ ناھِ ھَٿِيارَ جِي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 14 ]
English Meaning
Go, going