وِتُ جي سنڌي معنيٰ
سَگهہ، زور، توفيق، وسعت، بچت، بچندي، مال، ملڪيت.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Power, ability, potency.
وِتُ جا بيتن ۾ حوالا
مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چيتاريجِ چِتُ،
تَہ دائِما دُورِبِيءَ ۾، پَسِين ولاتُنِ وِتُ،
نِيَھُ نِکاري نِتُ، مَلاحَ گَڏِ مُعلِمَ سين.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 5 ]

جِيئَن اُتَرِڙا اوتِينِ، تِيئَن سامِي گهَڻو سَنِرا،
سانگو ڪَنِ نَہ ساھَ جو، اُتَرَ اوٽَ نَہ ڏِينِ،
جِيئَن پارو پَوارا ڪَري، تِيئَن سُمَرِڙِيُون سوِرِينِ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، اُونڌي ڪَنڌِ اورِينِ،
جُهوپا نَہ جوڙِينِ، مَڇُڻ پوئينِ وِتُ وِصالَ ۾.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 10 ]

پارو پَوارا ڪَري، لَڳي اُتَرَ مُٺِ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، ڪَنِ جُسي سين جُٺِ،
پَوَنِ ڏِينِ نَہ پُٺِ، مَڇُڻ پوئينِ وِتُ وِصالَ کان.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 11 ]

وِتُ ويِمي جو جَي لَھين، تَہ ٻِي ڪارِ نَہ ڪَرِين ڪا،
اِھا پَرُوڙِجِ ڳالِهڙِي، وَڻِجارَنِ وَٽان،
موتِي جَنِ ھَٿان، آندَءِ گهَڻي اَدَبَ سين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 8 ]