وِندُرَ جي سنڌي معنيٰ
لس ٻيلي ۾ هڪ علائقي ۽ نئين جو نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Name of an area in Lass Bela.
وِندُرَ جا بيتن ۾ حوالا
پُنهون ٿِيَسِ پاڻِهين، وِئو سَسُئِيءَ جو شَرَمُ،
ھيڪَلِيُون ھَلَنِ جي، ڀَڄي تَنِ ڀَرَمُ،
جو وِندُرَ مَنجِهہ وَرَمُ، سو سودو سَرِئُسِ ھِتَھِين.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 4 ]
ھيڪَلِيُون ھَلَنِ جي، ڀَڄي تَنِ ڀَرَمُ،
جو وِندُرَ مَنجِهہ وَرَمُ، سو سودو سَرِئُسِ ھِتَھِين.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 4 ]
پُنهون ٿِيَسِ پاڻِهين، وِئو سَسُئِيءَ جو سِينگارُ،
مَنْ عَرَفَ نَفْسَهُ فَقَدْ عَرَفَ رَبَّهُ ، اِھوئِي آچارُ،
وِندُرَ مَنجِهہ واپارُ، سو سودو سَرِئُسِ ھِتَھِين.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 5 ]
مَنْ عَرَفَ نَفْسَهُ فَقَدْ عَرَفَ رَبَّهُ ، اِھوئِي آچارُ،
وِندُرَ مَنجِهہ واپارُ، سو سودو سَرِئُسِ ھِتَھِين.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 5 ]
اوڏِي آيَس جانۡ پِريان جي پيچِري، ويجهِي وِندُرَ جَنِ وَرَنِ،
مَدِي نَہ ھُيَنِ مَنَ ۾، ڪيچان ڪوھُ اَچَنِ،
جٖي تو اوڏا ڀانيا، ڏُونگَرَ ڏُورِ ڏِسَنِ،
آڻي ٻَڌا اوٺِيين، موتِي کي مَيَن،
آڻي لاٿِيُون اوٺِيين، لَڏوُن ڀَر لَڪَنِ،
وِندُرِ وائِي جا وَھي، مُون کي سا نَہ سَلَنِ،
سُونھَنِ سَنگهَر پَٽِيين، مَنَھَن مَعذُورِيَنِ،
مَرَڻَ مُنھِنجي کي ڪِئو، ھِيءُ پَھُ ٻاروچَنِ.
[ سُر آبڙي، وايون، 9 ]

وِھُ مَ واٽَ وِرِچِي، ھو اَلا مِيان جي ڪَھَندِينءَ تي لَھَندِينءَ وو،
پيرَ پَٽائِين ڪُونئَرا، رائِي ڪِيَسِ رَچِي،
مُنھُن ڪَرِ مَعذُورِنِ ڏي، پُنهون ڄامَ پَرَچي،
مُون کي تَھِين مارِئو، جَتَنِ مُون کي جا چَئِي،
وِندُرَ واٽَڙِيُنِ تي، ڪانڌِي ٿِيندَمِ ڪيچِي،
ڪَنِي اَچِي ڪا ڪَھِي، ڪَنِي اَچِي ڪا چَئِي،
اَمُلَ ڀايان اُنَ کي، ساجَنَ مُون کي جا چَئِي.
[ سُر معذوري، وايون، 5 ]

اَکِيُون آرِيءَ ڄامَ جُون، اَنڌِيءَ سين آھِينِ،
ھُو جٖي وَڻَ وِندُرَ جا، سي مُون سُونھائِينِ،
ڏِسِئو ڏيکارِينِ، پيشانِي پُنهونءَ جي.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 11 ]
ھُو جٖي وَڻَ وِندُرَ جا، سي مُون سُونھائِينِ،
ڏِسِئو ڏيکارِينِ، پيشانِي پُنهونءَ جي.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 11 ]
آڏَ تِراڇا آھُڙا، ڏاڪا ڏُونگَرَ کي،
ھُو جٖي وَڻَ وِندُرَ جا، مارِيندا مُون کي،
ھاڙھو ھِيڻِيءَ کي، لَنگهائيجِ لَطِيفُ چئَي،
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 3 ]
ھُو جٖي وَڻَ وِندُرَ جا، مارِيندا مُون کي،
ھاڙھو ھِيڻِيءَ کي، لَنگهائيجِ لَطِيفُ چئَي،
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 3 ]
آڏَ تِراڇا آھُڙا، وِندُرَ وَراڪا وَرَ،
حُبَ جَنھِن کي ھوتَ جِي، سا ڏورِيندِي ڏُونگَرَ،
پَھچائِيين پَرَوَرَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 5 ]
حُبَ جَنھِن کي ھوتَ جِي، سا ڏورِيندِي ڏُونگَرَ،
پَھچائِيين پَرَوَرَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 5 ]
ڏُونگَرَ ۾ ڏَھڪارُ، موٽَڻُ مَيَنَ جو مَسَ ٿِئي،
وِندُرَ ۾ واڪو سُڻِي، ڀِري مانَ ڀَتارُ،
ھوتَ نَہ وِنگو وارُ، آئُون دُعا ڳِڻِ دوستَ جِي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 19 ]
وِندُرَ ۾ واڪو سُڻِي، ڀِري مانَ ڀَتارُ،
ھوتَ نَہ وِنگو وارُ، آئُون دُعا ڳِڻِ دوستَ جِي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 19 ]
ڪَڏِھِين ڪو ٻاجَهہ پَئِي، ساڄَنَ مُجِ سَلامُ،
سِڪَ تُنھِنجِيءَ سُپِرِين، ڪِئَڙو تَنُ تَمامُ،
ھَٿَنِ حاجَ وِھُ ٿِي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
دوسَ نَہ سَھان دامُ، تُون وِندُرَ ٿِي ويلا ڪَرِين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 11 ]
سِڪَ تُنھِنجِيءَ سُپِرِين، ڪِئَڙو تَنُ تَمامُ،
ھَٿَنِ حاجَ وِھُ ٿِي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
دوسَ نَہ سَھان دامُ، تُون وِندُرَ ٿِي ويلا ڪَرِين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 11 ]
اَدِيُون ڪا اِيندِي، ڇَپَرُ مُون سَڱُ ٿِئو،
لائِيندِيَسِ لِڱَنِ کي، مَلِيران ميندِي،
وِندُرَ آئُون ويندِي، آرِي ڄامُ اَجهو ڪَري.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 19 ]
لائِيندِيَسِ لِڱَنِ کي، مَلِيران ميندِي،
وِندُرَ آئُون ويندِي، آرِي ڄامُ اَجهو ڪَري.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 19 ]
English Meaning
Name of an area in Lass Bela.