وِندُرِ جي سنڌي معنيٰ
لس ٻيلي ۾ هڪ علائقي ۽ نئين جو نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Name of an area in Lass Bela.
وِندُرِ جا بيتن ۾ حوالا
ھيجُ نَہ ھُوندو جَنِ، سي ڪِيئَن وِندُرِ ويندِيُون،
وِھو وِچِ رَھَنِ، سَھِسين سَڌُنِ وارِيُون.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 1 ]
وِھو وِچِ رَھَنِ، سَھِسين سَڌُنِ وارِيُون.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 1 ]
ڏُورِ مَ ڏيھِ وِئو، پيرُ تُنھِنجي پِرِينءَ جو،
وِھَڻُ واٽَڙِيُنِ تي، ڪيچِيَنِ ري ڪِھو،
وِندُرِ جو وِئو، اَلا واري آڻِيين.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 1 ]
وِھَڻُ واٽَڙِيُنِ تي، ڪيچِيَنِ ري ڪِھو،
وِندُرِ جو وِئو، اَلا واري آڻِيين.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 1 ]
وِندُرِ جٖي وَڃَنِ، سي مَرُ ٻَڌنِ سَندِرا،
ٻِيُون ڪوھُ ٻَڌنِ، ڇوڙي جٖي ڇَڏِيندِيُون.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 2 ]
ٻِيُون ڪوھُ ٻَڌنِ، ڇوڙي جٖي ڇَڏِيندِيُون.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 2 ]
وِندُرِ وَرَ ڏِنامِ، ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪيتِرا،
ٻاروچا ٻاجَهہ ڀَرِيا، گوشي ھُوندَ گَڏِيامِ،
چيتاري چَيامِ عَرضَ پَنھِنجا اُنِ کي.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 5 ]
ٻاروچا ٻاجَهہ ڀَرِيا، گوشي ھُوندَ گَڏِيامِ،
چيتاري چَيامِ عَرضَ پَنھِنجا اُنِ کي.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 5 ]
اوڏِي آيَس جانۡ پِريان جي پيچِري، ويجهِي وِندُرَ جَنِ وَرَنِ،
مَدِي نَہ ھُيَنِ مَنَ ۾، ڪيچان ڪوھُ اَچَنِ،
جٖي تو اوڏا ڀانيا، ڏُونگَرَ ڏُورِ ڏِسَنِ،
آڻي ٻَڌا اوٺِيين، موتِي کي مَيَن،
آڻي لاٿِيُون اوٺِيين، لَڏوُن ڀَر لَڪَنِ،
وِندُرِ وائِي جا وَھي، مُون کي سا نَہ سَلَنِ،
سُونھَنِ سَنگهَر پَٽِيين، مَنَھَن مَعذُورِيَنِ،
مَرَڻَ مُنھِنجي کي ڪِئو، ھِيءُ پَھُ ٻاروچَنِ.
[ سُر آبڙي، وايون، 9 ]

آڏَ تِراڇا آھُڙا، وِندُرِ وَراڪا واڪَ،
اُجهايَسِ اُٺَنِ جِي، ڦوڙائي فِراقَ،
پُنهون پَرَمَلَ پاڪَ، واحِدَ لَڳِ وريجِ تُون.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 6 ]
اُجهايَسِ اُٺَنِ جِي، ڦوڙائي فِراقَ،
پُنهون پَرَمَلَ پاڪَ، واحِدَ لَڳِ وريجِ تُون.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 6 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، وِئا روڏا رِنگائي،
رَھِيَسِ رَسُ لَطِيفُ چئَي، تَنھِن ڪَمِيڻِيءَ ڪاھي،
ساڱاپي سيڻَنِ جي، ٿِي وِندُرِ واجهائي،
آرِياڻِي آھي، مَنَھُن مَعذُورِنِ جو.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 6 ]
رَھِيَسِ رَسُ لَطِيفُ چئَي، تَنھِن ڪَمِيڻِيءَ ڪاھي،
ساڱاپي سيڻَنِ جي، ٿِي وِندُرِ واجهائي،
آرِياڻِي آھي، مَنَھُن مَعذُورِنِ جو.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 6 ]
پَسِي سي سَرَھِي ٿِي، جٖي مَيَنِ لَنگهِئا مَسَ،
تِٿُ تَنِ کي ناھِ ڪو، لَڪَ مِڙيئِي لَسَ،
حُبَ جَنھِين کي ھوتَ جو، وِندُرِ تَنھِين کي وَسَ،
سَندِيءَ چانگَنِ چَسَ، پيرَ ٺَرَندَءِ پَٻَ ۾.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 12 ]
تِٿُ تَنِ کي ناھِ ڪو، لَڪَ مِڙيئِي لَسَ،
حُبَ جَنھِين کي ھوتَ جو، وِندُرِ تَنھِين کي وَسَ،
سَندِيءَ چانگَنِ چَسَ، پيرَ ٺَرَندَءِ پَٻَ ۾.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 12 ]
مُنھان مَھِندِ ٿِئا، سُورَنِ ٻَڌو سَندِرو،
ڏورِ تَہ ڏورِيُون اُنِ کي، وِندُرِ جٖي وِئا،
سيڻَ مُنھِنجا سَرَتِيُون، قَضا ھي ڪِئا،
اَڙِيَسِ آرِياڻِيءَ سين، ڪوھُ ڄاڻان ڪِئان،
ڪَندِيَسِ ڪِينَ ٻِئا، ھوتَ مَٽائي اَڳِيان.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 35 ]

ٻاروچا ٻِئا گَهڻا، مُنھِنجو اَٽَلُ آرِياڻِي،
چُونڊي رَکِيُمِ چِتَ ۾، ساڄَنُ سُڃاڻِي،
ٿَڪِيءَ کي ٿَرَنِ ۾، پَهچائي پاڻِي،
جا وِندُرِ وِڪاڻِي، تَنھِن جو موٽَڻُ ڪو مَسَ ٿِئي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 25 ]
چُونڊي رَکِيُمِ چِتَ ۾، ساڄَنُ سُڃاڻِي،
ٿَڪِيءَ کي ٿَرَنِ ۾، پَهچائي پاڻِي،
جا وِندُرِ وِڪاڻِي، تَنھِن جو موٽَڻُ ڪو مَسَ ٿِئي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 25 ]
English Meaning
Name of an area in Lass Bela.