وِڃايو جي سنڌي معنيٰ
وڃائي ڇڏيو، اڇلي ڇڏيو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Lost
وِڃايو جا بيتن ۾ حوالا
جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ ھُوندَنِ جِيئَن مَ ھو،
توکي ويسَ وِڃايو، ويسُ وِڃايو تو،
سامِي آھي سو، جَنھِن مَڙُه پُوري مارِيو.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 18 ]
توکي ويسَ وِڃايو، ويسُ وِڃايو تو،
سامِي آھي سو، جَنھِن مَڙُه پُوري مارِيو.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 18 ]
سامِي چائِيين سُکَ طَلَبِيين، ھُوندَنِ جِيئَن مَ ھو،
توکي ويسَ وِڃايو، ويسُ وِڃايو تو،
سامِي آھي سو، جَنھِن مَڙُه پُوري مارِئو.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 12 ]
توکي ويسَ وِڃايو، ويسُ وِڃايو تو،
سامِي آھي سو، جَنھِن مَڙُه پُوري مارِئو.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 12 ]
مُون ۾ تُون مَوجُودُ، آئُون اَسُونھِين آھِيان.
ماڻُهنِ جي موٽَڻَ جو، سائِينءَ ھَٿِ سُجُودُ،
جيلاھَ رَسِئا بُودَ کي، تيلاھَ ٿِئا نابُودُ،
اَکڙِيُون اَکَڙِيُنِ کي، سِڪِئو ڪَنِ سُجُودُ،
اِنَ دَرِ سيئِي اَگهِئا، جَنِ وِڃايو وُجُودُ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 4 ]

سَھي جِيئَن سانڌاڻِ، ڌَڪَنِ مَٿي ڌَڪَڙا،
وَھِ وِڃايو پاڻُ، ڏي ڏَوائُون ڏُڱِرين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 21 ]
وَھِ وِڃايو پاڻُ، ڏي ڏَوائُون ڏُڱِرين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 21 ]
مَنجهان پيئِي مَڪُڙِيءَ، ڪا جَا پاڻِيءَ بُوندَ،
سيئِي ڏِٺَمِ رُوندَ، وَکَرُ جَنِ وِڃايو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 16 ]
سيئِي ڏِٺَمِ رُوندَ، وَکَرُ جَنِ وِڃايو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 16 ]
سَوين سائِرَ ٻوڙِيُون، مُنڌَ ٻوڙِئو مَھِراڻُ،
وَھَ وِڃايو پاڻُ، ھَڻي ڪَنڌُ ڪَپَنِ سين.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 17 ]
وَھَ وِڃايو پاڻُ، ھَڻي ڪَنڌُ ڪَپَنِ سين.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 17 ]
ھِھَڙِي تان نَہ ھُياسِ، عِشقَ اُٿِيارِيَس اوچتِي،
پَڌَرِ پوءِ پيياسِ، سَتُرُ سِڪَ وِڃايو.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 28 ]
پَڌَرِ پوءِ پيياسِ، سَتُرُ سِڪَ وِڃايو.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 28 ]
سَسُئِيءَ ڪِينَ سَمجِهئو، اوري آرِيءَ ساڻُ،
ڪَري پيکُ پُنُوھَ سين، پاڌارِئائِين پاڻُ،
ڄَٽِ وِڃايو ڄاڻُ، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ سين.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 11 ]
ڪَري پيکُ پُنُوھَ سين، پاڌارِئائِين پاڻُ،
ڄَٽِ وِڃايو ڄاڻُ، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ سين.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 11 ]
وَصُلُ تَنھِن وِڃايو، سِينڌِ سُرِمي سِيئَن،
لُوٺِي لِيلان جِيئَن، مَڻِيو جَنھِن مِٽُ ڪِئو.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 6 ]
لُوٺِي لِيلان جِيئَن، مَڻِيو جَنھِن مِٽُ ڪِئو.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 6 ]
اَجَلان اَڳي سَسُئِي، مُنڌَ جِيئَريائِي مَرُ،
ٽولِئان تَنھِن مَ ٽَرُ، جَنھِن رُوحُ وِڃايو راھَ ۾.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 6 ]
ٽولِئان تَنھِن مَ ٽَرُ، جَنھِن رُوحُ وِڃايو راھَ ۾.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 6 ]
English Meaning
Lost