وِھامِي جي سنڌي معنيٰ
وسامي، ختم ٿي، پوري ٿي، ناس ٿي، پڄاڻيءَ تي پھتي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Come to end
وِھامِي جا بيتن ۾ حوالا
وَھِلِي وانءُ مَ وِھامِي، رَھُ راتِ رائيِندِيَس سُپِرِين،
شَمعَ ٿيِندِيَس شَبَ ۾، اِنَ خُوشِيءَ کان کامِي،
بابُوئنِ سَندِيءَ باھِ جِيئَن، ٻَران شالَ اُجَهامِي،
پِرتِ جا پِيتَمِ جِي، ڪِينَ پَرُوڙي عامِي،
مُون کي مُون پِرِيَنِ جو، دَردُ آھِ دَوامِي،
ھيڪاندِي ٿيِندِيَس ھوتَ سين، آڌِيءَ اُڏامِي،
آھِيان يارُ سَيِّدَ جو، ڪانَہ رَھِي ڪا خامِي،
ھُو جو لَنئُن لَطِيفَ جو، مُون کي آھِ مُدامِي،
روشَنُ ٿِئا رُڃنِ ۾، جٖي ھُئا ھِنَ لَي جِي لامِي،
آيَمِ تَنھِن لوڪَ سين، جٖي سيما چَوَنِ ساھِمِي.
[ سُر کنڀات، وايون، 2 ]

سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، تَہ گهايَلَ ڪِيئَن گهارِينِ،
پِئَلَ پاسو پَٽَ تانْ، واڍوڙِئا نَہ وارِينِ،
پَر ۾ پَچَنِ پِرِينءَ کي، ھَئَي ھَنجُون ھارِينِ،
سَڄَڻُ جٖي سارِينِ، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 19 ]

سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، ٿا رُڻِڪَنِ رَنجُورِي،
پِئا آھِينِ پَٽَ ۾، مَٿِنِ مامُورِي،
لَڳيَنِ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، سَدا جِيءَ سُوۡرِي،
پِرتِ جَنِ پُوري، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 20 ]

راڻا راتِ گهَڙِي، مُون گهَرِ اَچِي جي ٿِيين،
عَيبَنِ کان آجِي ٿِيان، اَچين جي چَڙِهي،
راڻا تو لَئي رَڙِي، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 4 ]

وَٽِ سورِيندي وَلَها، وِئَڙو تيلُ ٻَرِي،
موٽُ مُسافِرَ سُپِرِين، چانگي تي چَڙِھي،
راڻي لَئي رَڙِي، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 5 ]

ڪَتِيُون ڪَپارِ آيُون، لُڌا وِئا لَڙِي،
موٽُ مُئِيءَ جا وَلَها، چانگي تي چَڙِھِي،
راڻِي لَئي رَڙِي، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 6 ]

راتِ وِھامِي ڏِينھُن ٿِئو، پِرِين آيو پاڻَ،
اَچِي مِيرَ مَينڌَري، ڪامِلَ لاٿِي ڪاڻِ،
وَڻَ ٽِڻَ وَلِيُنِ ڇانيا، وُٺا سَڀَ وَٿاڻَ،
پَرَچِي آيو پاڻَ، ڪاڪِ قَرارِئو وَلَهو.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 12 ]

جَو تو ڏِيو ڀانيو، سو سُورَجَ سُھائِي،
راتِ وِھامِي ڏِينھُن ٿِئو، تَہ پُڻ اَنڌَنِ اُونداھِي،
جَنِ ڏِٺو ڏِھائِي، تَنِ تَڪِيا تاڪي ڇَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 7 ]

سُتي نَہ سَرَندِياءِ، ڪَرِ پَچارَ پِرِيَنِ جِي،
وِھامِي ويندِياءِ، گَهڻا ھَڻَندين ھَٿَڙا.
[ سُر ڏھر، رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي، 3 ]

چُڻي نَہ ٻِئَنِ گَڏُ، وَڏي وَڳَرَ ھيرُئِين،
ڪُونجَ ڪَرِيندي سَڏُ، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 8 ]