يارُ جي سنڌي معنيٰ
سنگي، ساٿي، صحبتي، دوست، دلبر
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A friend, lover, paramour, gallant.
يارُ جا بيتن ۾ حوالا
وَھِلِي وانءُ مَ وِھامِي، رَھُ راتِ رائيِندِيَس سُپِرِين،
شَمعَ ٿيِندِيَس شَبَ ۾، اِنَ خُوشِيءَ کان کامِي،
بابُوئنِ سَندِيءَ باھِ جِيئَن، ٻَران شالَ اُجَهامِي،
پِرتِ جا پِيتَمِ جِي، ڪِينَ پَرُوڙي عامِي،
مُون کي مُون پِرِيَنِ جو، دَردُ آھِ دَوامِي،
ھيڪاندِي ٿيِندِيَس ھوتَ سين، آڌِيءَ اُڏامِي،
آھِيان يارُ سَيِّدَ جو، ڪانَہ رَھِي ڪا خامِي،
ھُو جو لَنئُن لَطِيفَ جو، مُون کي آھِ مُدامِي،
روشَنُ ٿِئا رُڃنِ ۾، جٖي ھُئا ھِنَ لَي جِي لامِي،
آيَمِ تَنھِن لوڪَ سين، جٖي سيما چَوَنِ ساھِمِي.
[ سُر کنڀات، وايون، 2 ]

ھَمسُون ساٿُ گِيا ھي، ھَمسُون سَيلُ گِيا ھي،
ھَمسُون يارُ گِيا ھي، جو ڪُجُهہ ڪَرِنا ڪَرِ رَھِيا ھي،
ڪَھِي ڪَھِيو قافِلو، زَنڪِ زُودُ بِيا ھي،
مَردُ زَنُ ماتِ ڪِئا، لَکِڻا لوڪُ لِيا ھي.
[ سُر آبڙي، وايون، 2 ]

ويچارِيءَ وَڻِڪارُ، اَڳُ نَہ ڏِٺو ڪَڏِھِين،
مِھرَ نَہ ھُئِي ماڻُهين، ھو سَڀُ ھِندُوڪارُ،
جَتُ ڪِيائين يارُ، سُورَنِ ڪارَڻِ سَرَتِيُون.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 10 ]

غَفلَتَ يارُ گَنوايو، ٻَڙِي جيڏِيُون،
ڪِيئَن ڪَرِيان ڪوھُ ٿِئو،
سُتِيَسِ تان ساٿُ وِئو، اُٿِيَسِ تان ڏُکُ آيو،
پُڇان ٿِي پُنهونءَ کي، عَبَثُ تان اُنَ کايو،
ھوتَ ھَلَندي جا ڪَئِي، سا مُون ڳالِهہ سُڻايو.
[ سُر آبڙي، وايون، 4 ]

جُھ يارُ ڏٺائُون يارَ جو، تَہ پُٺِيءَ پيرُ ڪَڙِينِ،
ڦِرِئا نَہ فَرمانَ کان، اُنِهِي ۾ آھِينِ،
ڏِسِئو نَہ ڏاڙِهينِ، شَبانَ جي سَڳَ کي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 16 ]

ڀَؤُنرَ اَکِيُون ڀالا، نيزا نيڻَ پِرِيَنِ جا،
يارُ ميڙِيين يا اَلا، جَنھِن سان ساھُ سُڌِيرُ ٿِئي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 8 ]

نيڻَ صَقِيلَ سُپِرِين، ڀَؤُنرَ ڀِرُونِ ڀالا،
چِڪَئَمِ چاڪَ پِرِيَنِ جا، اَندَرِ ۾ آلا،
يارُ ميڙِيين يا اَلا، جَنھِن جِيءَ صُحبَتَ ڪاڻِ سِڪي ھِنيُون.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 9 ]

ڌارَ نَہ يَڪدِلِ يارُ ٿِيي، مَتِ ڏِنِي مِه مَنَ،
ڪِ ٿِئوءِ تَسَلو تَنَ، پَروڌوءِ پَراوَنِ مان.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 3 ]

ساٿَر صِحَتَ سُپِرِين، آھي نَہ آزارُ،
مَجلِسَ ويرَ مِٺو ٿِئي، ڪوٺِيندي قَھارُ،
خَنجَرُ تَنھِن خُوبُ ھَڻِي، جَنھِن سين ٿِئي يارُ،
ساجَنُ رَبُ سَتارُ، سوجهي رَڳُون ساھَ جُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 5 ]