ٻِئا جي سنڌي معنيٰ
ڌاريا، ثاني، اوپرا، اجنبي، پراوا، غير. پرديسي. ساڳيا نہ، ويڳا، بدليل. نوان، نِرالا، نيارا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Others, other ones, second, not same, new
ٻِئا جا بيتن ۾ حوالا
جَکِرو جُسَ کَرو، ٻِئا سَڀَ اَنِيراءِ،
جِئائِين گهَڙِئو جَکِرو، تِئان نَہ ڪِي ٻِئا،
مِٽِي اِنَ ماڳان، اَصلِ ھُئِي ايتِري.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 5 ]
جِئائِين گهَڙِئو جَکِرو، تِئان نَہ ڪِي ٻِئا،
مِٽِي اِنَ ماڳان، اَصلِ ھُئِي ايتِري.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 5 ]
سِڪين ڪوھُ سَلامَ کي، ڪَرِيين ڪوھُ نَہ سَلامُ،
ٻِئا دَرَ تَنِ حَرامُ، اِيءُ دَرُ جَنِي ديکِئو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 9 ]
ٻِئا دَرَ تَنِ حَرامُ، اِيءُ دَرُ جَنِي ديکِئو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 9 ]
ويڄَ وِڄائُون ڇَڏِ، دُورِ ڪَري ٻِئا ڊَڀَڙا،
آندِيَئِي جي اَگَهنِ لَئي، سي گورِيُون گورِيُنِ گَڏِ،
صاحِبُ سوئِي سَڏِ، جَو پَرکا لَھيْ ھِنَ پِيڙَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 10 ]
آندِيَئِي جي اَگَهنِ لَئي، سي گورِيُون گورِيُنِ گَڏِ،
صاحِبُ سوئِي سَڏِ، جَو پَرکا لَھيْ ھِنَ پِيڙَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 10 ]
جُسي ۾ جَبارَ جو، خَفِي خِيمو کوڙ،
جَلِي تُون زَبانَ سين، چارَئِي پَھَرَ چورِ،
فِڪرَ سين فُرقانَ ۾، اِسمُ اعظمُ ڏورِ،
ٻِئا دَرَ وَڃِي مَ ووڙِ، اَمُلُ اِئائين سَپَجي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 8 ]
جَلِي تُون زَبانَ سين، چارَئِي پَھَرَ چورِ،
فِڪرَ سين فُرقانَ ۾، اِسمُ اعظمُ ڏورِ،
ٻِئا دَرَ وَڃِي مَ ووڙِ، اَمُلُ اِئائين سَپَجي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 8 ]
عاشِقُ عَزازِيلُ، ٻِئا مِڙَئِي سَڌَڙِئا،
مَنجهان سِڪَ سَبِيلَ، لَعنَتِي لالُ ٿِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 11 ]
مَنجهان سِڪَ سَبِيلَ، لَعنَتِي لالُ ٿِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 11 ]
سِٽَ سائِي سارِ، اَلِفُ جَنھِن جي اَڳَ ۾،
مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي، وَرَقُ سوئِي وارِ،
ناحَقِ ڪِيمَ نِھارِ، پَنا ٻِئا پِرِيَنِ لَيءِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 6 ]
مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي، وَرَقُ سوئِي وارِ،
ناحَقِ ڪِيمَ نِھارِ، پَنا ٻِئا پِرِيَنِ لَيءِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 6 ]
توڙي تَڙِيين تُون، تو دَرُ توءِ نَہ ڇَڏِيان،
مُون کي سو مُشاھِدو، جي مُنھُن نَہ ڏِيِين مُون،
مُون ٻِئا دَرَ گَهڻا نِھارِئا، آھِين تُونھِين تُون.
[ سُر کنڀات، وايون، 5 ]
مُون کي سو مُشاھِدو، جي مُنھُن نَہ ڏِيِين مُون،
مُون ٻِئا دَرَ گَهڻا نِھارِئا، آھِين تُونھِين تُون.
[ سُر کنڀات، وايون، 5 ]
ڪُوپا ڪِلي ڪوڏِئا، سائُو صُلحَدارَ،
آرَڙَ ۾ اِحسانَ سين، سُوڀا ٿِئا سَردارَ،
ھِڪُ ڀائُرَ، ٻِئا ڀائِٽِئا، ٽِئا جانِي جِگرَ يارَ،
حُورُنِ ٻَڌا ھارَ، سهِرا شَهِيدَنِ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 2 ]
آرَڙَ ۾ اِحسانَ سين، سُوڀا ٿِئا سَردارَ،
ھِڪُ ڀائُرَ، ٻِئا ڀائِٽِئا، ٽِئا جانِي جِگرَ يارَ،
حُورُنِ ٻَڌا ھارَ، سهِرا شَهِيدَنِ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 2 ]
ڏُونگَرَ ڏُکَ سَنداءِ، پِرِينءَ گَڏِجانِ نَہ چُئان،
ڀِنِيءَ ٿِيين ڀَوارَئُون، ٻِئا وِنگا وَرَ ڏِناءِ،
چَڱِي ڪانَہ ڪِياءِ، جِيئَن پيرُ وِڃايُئِي پِرِينءَ جو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 4 ]
ڀِنِيءَ ٿِيين ڀَوارَئُون، ٻِئا وِنگا وَرَ ڏِناءِ،
چَڱِي ڪانَہ ڪِياءِ، جِيئَن پيرُ وِڃايُئِي پِرِينءَ جو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 4 ]
سَڄَڻَ ميخُون ڏُونگَرين، ڏُونگَرَ ڀُونيُنِ ڪِيرَ،
اِھَڙا سيڻَ سُڌِيرَ، ڪِينَ لَھَندِينءَ ڪي ٻِئا.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 22 ]
اِھَڙا سيڻَ سُڌِيرَ، ڪِينَ لَھَندِينءَ ڪي ٻِئا.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 22 ]
English Meaning
Others, other ones, second, not same, new