پَسي جي سنڌي معنيٰ
ڏسي، نھاري، جاچي. معلوم ڪري. محسوس ڪري. لَکَي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Seeing, looking, observing, feeling
پَسي جا بيتن ۾ حوالا
پاڻِهين پَسي پاڻَ کي، پاڻِهين اِيءُ مَحبُوبُ،
پاڻِهين خَلَقي خُوبُ، پاڻِهين طالِبُ تَنِ جو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 19 ]
پاڻِهين خَلَقي خُوبُ، پاڻِهين طالِبُ تَنِ جو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 19 ]
وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ ڪِئا اَڌَ،
سي ڌَڙَ پَسي سَڌَ، ڪَنھِن اَڀاڳِيءَ نَہ ٿِئي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 7 ]
سي ڌَڙَ پَسي سَڌَ، ڪَنھِن اَڀاڳِيءَ نَہ ٿِئي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 7 ]
پَتَنگُ چائِين پاڻَ کي، پَسي مَچُ مَ موٽُ،
سَھائي سُپَيرِيَن جي، گِهڙُ تَہ ٿِئَين گهوٽُ،
اَڃا تُون آروٽُ، کُوري خَبَرَ نَہ لَھين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 4 ]
سَھائي سُپَيرِيَن جي، گِهڙُ تَہ ٿِئَين گهوٽُ،
اَڃا تُون آروٽُ، کُوري خَبَرَ نَہ لَھين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 4 ]
ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، آھي ۾ آزارَ،
ڏَمَ پاسي ۾ ڏُکندو، صِحَتَ وَٽِ سَنگهارَ،
توڏِيءَ سَندي تَنَ جِي، دَوا ۾ دِيدارَ،
جَي پَسي مُنھُن ميھارَ، تَہ سِگهِيائِي سَگهِي ٿِي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 5 ]
ڏَمَ پاسي ۾ ڏُکندو، صِحَتَ وَٽِ سَنگهارَ،
توڏِيءَ سَندي تَنَ جِي، دَوا ۾ دِيدارَ،
جَي پَسي مُنھُن ميھارَ، تَہ سِگهِيائِي سَگهِي ٿِي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 5 ]
پيرَ پَٽائِين ڪُونئَرا، ڏُونگَرَ مَٿي ڏي،
پاڻُ پَسي ڦٽِئو، ٿِي ڪَڙِھي ڪيچِيَنِ کي،
ھاڙِھو ھوتَ پَري، ڪوھُ ڄاڻان ڪِيئَن لنگهِئا.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 18 ]
پاڻُ پَسي ڦٽِئو، ٿِي ڪَڙِھي ڪيچِيَنِ کي،
ھاڙِھو ھوتَ پَري، ڪوھُ ڄاڻان ڪِيئَن لنگهِئا.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 18 ]
سُڃَ وَسَندِي تَنِ کي، جوشَ جَلايا جي،
طالِبَ جي تَحقِيقَ جا، نِينھُن تَنِي وَٽِ ني،
ٽيڏِي پَسي ٽي، ھُو تان آھي ھيڪِڙو.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 7 ]
طالِبَ جي تَحقِيقَ جا، نِينھُن تَنِي وَٽِ ني،
ٽيڏِي پَسي ٽي، ھُو تان آھي ھيڪِڙو.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 7 ]
ھَلو ھَلو ڪاڪِ تَڙِ، جِتِ گهَڙِجي نِينھُن،
نَہ ڪا راتِ نَہ ڏِينھَن، سَڀَڪو پَسي پِرِينءَ کي.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 13 ]
نَہ ڪا راتِ نَہ ڏِينھَن، سَڀَڪو پَسي پِرِينءَ کي.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 13 ]
ھَلو ھَلو ڪاڪِ تَڙِ، جِتي نِينھَن اُڇَلَ،
نَہ ڪا جَهلَ نَہ پَلَ، سَڀَڪو پَسي پِرِينءَ کي.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 15 ]
نَہ ڪا جَهلَ نَہ پَلَ، سَڀَڪو پَسي پِرِينءَ کي.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 15 ]
اَسُکُ جَنِ اَويرَ، سي سَنجهي رَھَنِ سُمَهِي،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي آڌِيءَ ڏِينِ اُليرَ،
اُٿِئو لوڪُ پَسي پَٽِ پِئا، سامِي مَٿي سيرَ،
ڪيڏانھَن ڪَندا پيرَ، مِڙيوئِي مَٿو ٿِئو.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 5 ]
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي آڌِيءَ ڏِينِ اُليرَ،
اُٿِئو لوڪُ پَسي پَٽِ پِئا، سامِي مَٿي سيرَ،
ڪيڏانھَن ڪَندا پيرَ، مِڙيوئِي مَٿو ٿِئو.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 5 ]
اُتَرَ ڏُونھِن آلاپَ، ڪالُهون ڪَرَ ڪُونجَ ڪَري،
پِرِين پَسي ۾ خُوابَ، وِھاڻِيءَ وايُون ڪَري.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 15 ]
پِرِين پَسي ۾ خُوابَ، وِھاڻِيءَ وايُون ڪَري.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 15 ]
English Meaning
Seeing, looking, observing, feeling