پَنوَھارَ جي سنڌي معنيٰ
رڍون يا ٻڪريون چاريندڙ، ريڍار، ٻڪرار.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Shephards, sheepmen, herdsmen.
پَنوَھارَ جا بيتن ۾ حوالا
وَڃِي وَڃِي ٿِيندِياسِ ويجهِي ويجهِي، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي وو،
آڏا ڏُونگَرَ لَڪِيُون، موٽِجِ مُحِبَ مِجيجِي وو مِجيجِي،
پُڇان واٽَ پَنوَھارَ تو، ٻَيَڙَ آھِيان ٻيجِي وو ٻيجِي،
جَا نَہ ھَلَندِي ھوتَ ڏي، پيءُ تَھِين جو پازِي وو پازِي،
نَمُ گُهرِجي نِينھَن جو، آھِيان آئُون اَروجِي،
ڪَرَھا ڪيچَ ڌَڻِيَنِ جا، جوڙي مَنجِهہ جَمازِي،
ويندِيَسِ تَھِين وَرَ ڏي، آھِيان زالَ جَھِين جِي،
جَا نَہ پُرَندِي پِرِينءَ ڏي، سا تان مِلڪَ مي جِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 12 ]

ھَلَڻُ سَھان نَہ ھوتَ جو، وَڃَڻُ مُون نَہ وَسِ،
اللهَ آرِيچَنِ جِي، گولِي ميڙِيين گَسِ،
پِرِين پَنوَھارَ پُڇان تو، ڏُونگِريا مُون ڏَسِ،
اَکِيُنِ جي آرَسِ، مُنڌَ جيھِيائِي جوڙَ ڪِي.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 4 ]

قِسمَتَ قَيدُ قَوِي، نَہ تَہ ڪيرَ اَچي ھِنَ ڪوٽَ ۾،
لِکِئي آڻي لوحَ کي، ھَنڌُ ڏيکارِئُمِ ھِيءُ،
پَرَچي ڪِينَ پَنوَھارَ ري، جانِ جُسو ۽ جِيءُ،
راجا راضِي ٿِيءُ، تَہ مارُنِ مِڙي مارُئِي.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 8 ]

پَرچَنِ شالَ پَنوَھارَ، ڍولا مارُو مُون سين،
پائي آيَسِ پاندَ ۾، اَوَڳُڻَ عَيبَ اَپارَ،
مُون مُورائِين مَدِيُون، آھِين سيڻَ سَتارَ،
اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، تَڙِ تَڙِ پيئِي تَنوارَ،
عَيبَنِ ڀَرِي آھِيان، سَتُرُ ڪَرِ سَتارَ،
[ سُر مارئي، وايون، 2 ]

مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، ٿِيَسِ ڳُڙلُون وارَ،
سَتِيءَ سيئِي سارِئا، جٖي پائُرَ جا پَنوَھارَ،
عُمَرَ اُنِهُون ڌارَ، مُورِ نَہ وِھي ماڙِيين.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 5 ]

سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، ڪوجهو ٿئمِ ڪَمالُ،
وَڃان ڪِيئَن وَطَنَ ڏي، ھِھَڙو وَٺِي حالُ،
جَي مُون ڏيِين جَمالُ، تَہ پَسان مُنھُن پَنوَھارَ جو.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 6 ]

سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، وَطَنِ وَڃان ڪِيئَن،
حُسُنَ ڌاران ھِيئَن، پَسان ڪِيئَن پَنوَھارَ کي.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 7 ]

سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، ٿيِندِيَس ڪِيئَن قَبُولُ،
ڪونِهي سُھَڳَ سُولُ، پُوچي مُنھَن پَنوَھارَ ري.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 9 ]

جَهجها ڏيجِ جُھارَ، مُنھِنجا مَلِيرَ ڄائِيين.
آسَرَ ڀَرِي آھِيان، پَرچَنِ مانَ پَنوَھارَ،
ويڙِھِيُون ۽ وَلَهارَ، ڪِ سُوايا سارِينِ مُون.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 17 ]

مَنجِهہ رَھِي مَلِيرَ، مُون تان ڪوھُ ڪِئو،
مُون تان ڪِينَ ڪِئو،
مُون ھَٿان مُنھِنجا ڌَڻِي، سَھِسين ٿِئا صَغِيرَ،
پَکَي مَنجِهہ پَنوَھارَ جي، ڪوڙيِين ڪِئَم ڪَبِيرَ،
تُون ڏيِين مُون ڌَڻِي، دِلاسو دِلگِيرَ،
ٻُڙو لاھِ مَ ٻاجَهہ جو مُون تان مُنھِنجا پيرَ،
ٿَرَ ۾ وَلِيُون ٿَڌِيُون، ڪوڙيِين ڪِرِڙَ ڪَرِيرَ.
[ سُر مارئي، وايون، 5 ]