پِہ جي سنڌي معنيٰ
بہ، ڀي، پڻ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Also, too.
پِہ جا بيتن ۾ حوالا
جيڏاھَن چِتَ چاھُ گهَڻو، آرُ پِہ اوڏاھِين،
وَڃي وَھُ واڪا ڪِئو، تِکو تِھائِين،
ميھارُ مِلائِين، لَهرِنِ ۾ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 12 ]

ھُئِي ھِدايَتَ حُرَ کي، اَصلَ ۾ اَمُران،
چَڙِهي آيو جَنگِ تي، ھَلِي ھُنِ پاران،
اِيندي چَيائِين اِمامَ کي، تَہ گهورِيُس آن مَٿان،
لَا يُڪَلِّفُ اللَّهُ نَفْسًا إِلَّا وُسْعَهَا ، ڪَندُسِ وَسَ وَڏا،
گهوٽَ پِہ لَڳا گهاءَ، اِي پُڻ شيرُ شَھِيدُ ٿِئو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 1 ]

سُورَ پِہ ڀَتو ڀَتِ، ھِي چِڻِڪِئو ڪِي ٻِئو،
پِريَتَڻِي پِرِيَنِ جي، ماءُ مُنجهايَمِ مَتِ،
ڀينَرُ ڀَلِيءَ ڀَتِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 21 ]

آئُون پِہ گَڏِجان ھوتَ کي، آن پُڻ ڀَلائِي،
جَلَڻَ جَلائِي، آھِيان آرِيچَنِ جي.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 26 ]
جَلَڻَ جَلائِي، آھِيان آرِيچَنِ جي.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 26 ]
ڪي اوڏا ئِي ڏُورِ، ڪي ڏُورِ پِہ اوڏا سُپِرِين،
ڪي سَنبِرِجَنِ نَہ ڪَڏِھِين، ڪي وِسرَنِ نَہ مُورِ،
جِيئَن مينھِن ڪُنڍِيءَ پُورِ، تِيئَن دوسِتَ وَراڪو دِلِ سين.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 6 ]

راتِيان ڏِينھان رُوحَ ۾، ٿِي لوچان لالَڻَ لاءِ،
سِڪَ پِريان جِي سَيِّدُ چئَي، اَندَرِ مُون نَہ ماءِ،
ڪَڏِھِين قاتلان ڪَوڙا پِرِين، ڪَڏِھِين مِٺا ماکيءَ ساءِ،
ڪَڏِھِين مُڙَنِ ميڻَ جِيئَن، ڪَڏِھِين لوھَ پِہ ناھي جاءِ،
ڪَڏِھِين کَڻِنَ عَينَ اِحسانَ جا، ڪَڏِھِين ڪَھَلَ نَہ پَوينِ ڪا،
ڪَڏِھِين پِرِين پَٽائِين ڪُنئَرا، ڪَڏِھِين ڏاڍا ڏُونگَرَ کان،
عَجَبَ جِھَڙِي آھِ، صُحبَتَ سُپرِيَنِ جِي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 23 ]

اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، ڪَجَلَ ريءَ ڪارِيُون،
مَولا ڏِنَئِي مُنھَن ۾، سُونھَنِ سُونھارِيُون،
کَڻين جَي کارِيُون، تَہ پِہ سَڃِيندي سُورُ لَھي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 33 ]

ناٿَ جِتِ ئِي نِنڌِ، تِتِ پِہ نِھارِئو جوڳِيِين،
ھُئا سُويساھا ڪاپَڙِي، ٿِي پُرئا پَراھين پَنڌِ،
ھُو ھُئو ھِنَ ئِي ھَنڌِ، ھُنَ ھِنگِلاچان ھَٿِ ڪِئو.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 18 ]

سُھاڳُ پِہ سَنبِران، ڏُھاڳُ پہ ڏِٺومِ،
سَرَتِيُون ڪَنھِن سَڀَاڳَ کي، ھَٿين ھارُ ڇُتومِ،
ڍيلي ڍولُ وِئومِ، سَندا جوڀَنَ ڏِينھَڙا.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 19 ]

ڇِنَلَ ڇَڄَ ھَٿَنِ ۾، ڪُلَهنِ ڪوڏارا،
پورِھِيي ڪارَڻِ پيٽَ جي، اُٿِيَنِ سَوارا،
اوڏَ پِہ ويچارا، لاکا وَڃَنِ لَڏِئو.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 29 ]