ٿَرُ جي سنڌي معنيٰ
مٿيون تھ، ملائي، اوٿر، ٿوٿر. ٿر جنھن ۾ واري ۽ ڀِٽون ٿين، ڄڻ زمين جو ملائيءَ مثل. سنڌ جو ھڪ وارياسو علائقو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Thar, Located in in the south of Pakistan's Sindh province, bordering India to the east, the Thar desert is home to many varieties of indigenous trees, herbs, and grasses.
ٿَرُ جا بيتن ۾ حوالا
ٿَڪِيائِي ٿَرُ ٿيلِهہ، چَڙُه چُڪِيائِي چوٽِيين،
ھَلَندي ھوتَ پُنهون ڏي، ڀَؤَ مِڙيئِي ڀيلِ،
اُٿِي رائو ريلِ، ويٺِيَنِ تان وارِي وَري.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 25 ]
ھَلَندي ھوتَ پُنهون ڏي، ڀَؤَ مِڙيئِي ڀيلِ،
اُٿِي رائو ريلِ، ويٺِيَنِ تان وارِي وَري.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 25 ]
سَدا جَنِ پَرياڻُ، پاندِيءَ پَکِي لَڏَ جو،
وِئا ڳُڻَنِ ساڻُ، مارُوئَڙا ٿَرُ اُڪِرِي.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 9 ]
وِئا ڳُڻَنِ ساڻُ، مارُوئَڙا ٿَرُ اُڪِرِي.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 9 ]
وِئَڙا ڳُڻَنِ سان، مارُوئَڙا ٿَرُ اُڪِري،
تَنِ پُڄاڻا آنءُ، جاڙَ جِيئان ٿِي جيڏِيُون.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 10 ]
تَنِ پُڄاڻا آنءُ، جاڙَ جِيئان ٿِي جيڏِيُون.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 10 ]
ٿَرُ گَجِئو بَرُ گَجِئو، گَجِئو ديسان ديسِ ،
واھَ تَنِي جي ويسِ، جي وِڄُون وَسَڻَ آيُون.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 11 ]