ٿَرِ جي سنڌي معنيٰ
ٿر ۾.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
In Thar.
ٿَرِ جا بيتن ۾ حوالا
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، باڪا چَڙِهي بَرِ،
جَتَنِ ڌاران جيڏِيُون، ھِينيُون جَرِ نَہ ٿَرِ،
ڪا نَہ ٻُڌيِسُون ڪَڏِھِين، اِھَڙِي پَرِ ڪُپَرِ،
ٻاروچا ٻَرِ ٻَرِ، راتِ نَہ رَھِئا ھَيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 5 ]

قَيدُ الماءِ ڪَھَنِ جو، سو مُون پاندِ پِئو،
جفَّ القلمُ بما هُوَ ڪائنٌ ، وَھِي قَلَمُ وِئو،
اِيءُ قَضا ڪَمُ ڪِئو، جِيئَن ٿَرِ مارُو آئُون ماڙِيين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 11 ]

تَنِ وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ کي، رُئان راتو ڏِينھَن،
ڪالَهہ پَنوَھارَنِ لَڏِئو، مُون کي چاڙِھي چِيئَن،
آئُون جِيئَندِي ڪِيئَن، جُھ اُنِ ٿَرِ وَڃِي ٿاڻا ڪِئا.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 13 ]

جِيئَن ڳَنڊِيُون مَنجِهہ ڳَنڍيرَ، تِيئَن مُون مَنُ مارُوءَ سين،
سي مارُوئَڙا ٿَرِ ٿِئا، جي ڳُڻَنِ جا ڳَھِيرَ،
تَنِي ري حَمِيرَ، گهنگهَرِ گهارِيان ڏِينھَڙا.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 25 ]

اُنَ اوڍَڻُ پَلُرُ پِيَڻُ، جَنِ جا پيرَ مَٿي پَٽَ پاڪَ،
وِھَڻُ وَراچَنِ ۾، اُنِ جِي اَجوکِي اوطاقَ،
سيئِي سارِئَمِ سُومَرا، ٿَرِ جَنِ جا ٿاڪَ،
پاڻَ نَہ پَسَنِ پاڻَ کي، ويچارا بي باڪَ،
عُمَرَ اُوءِ نَہ عاقَ، ڏُکِئا جِمَ ڏُکوئِيين.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 20 ]

مارُوئَڙيءَ روئِي، ٿَرِ نِياپا چايا،
آن جو ڳُتوجيڏِيُوج، مِينڍِي وَرُ سوئِيم
لاٿُمِ نَہ ڌوئِي، ساڻُ سَرَچِي سُومَري.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 13 ]
آن جو ڳُتوجيڏِيُوج، مِينڍِي وَرُ سوئِيم
لاٿُمِ نَہ ڌوئِي، ساڻُ سَرَچِي سُومَري.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 13 ]
ٿَرِ جَي ٿوڪَ ٿِيَنِ، سي جَي پَسِين سُومَرا،
ھِڪُ مَوتُ ٻِئو ڦوڙائو، ٽِئو ساڻيھَ کي سِڪَنِ،
تُون ڪِيئَن مَٿان تَنِ، عُمَرَ اَلولا ڪَرِين.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 14 ]

آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، ڪِ ڪي بَندَ ٻِئا،
مُون کي ڏيھان نِڪِرِيي، ٻَہ ٽي ٿوڪَ ٿِئا،
ھِڪُ مارُو ٿَرِ ٿِئا، ٻِئو عُمَرَ مَنڊِيو مامِرو.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 18 ]

واجهائي وَطَنَ کي، ساري ساھُ ڏِيان،
سِڙي ساڻيھَ سامُهين، مُنھِنجِي نيجِ مِيان،
مُقامِياڻِي مارُوئين، وَڃِي ٿَرِ ٿِيان،
مُيائِي جِيئان، جَي نِئاءَ مَڙُه مَلِيرَ ڏي.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 21 ]

رويو راتِ وِهاءِ، مُون کي عُمَرَ مِيان سُومَرا،
آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، ڪِ ڪي بَندِ ٻِئا،
عُمَرَ بَندِياڻِينُ کي، سُوٽا ڪِيمَ سَھاءِ،
مارُوئَنِئُون نِڪِرِي، ٻَہ ٽي ٿَوڪَ ٿِئا،
عُمَرَ مَنڊِئا مامِرا، مارُو ٿَرِ ٿِئا.
[ سُر مارئي، وايون، 10 ]