چِتُ جي سنڌي معنيٰ
سمجهہ، فھم، عقل. ذهن، چيتو، دماغ، ٻُڌِ. خيال، ڌيان، توجھ. وِيچار. دل، من. نيت، ارادو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The mind. Attention, understanding, intelect.
چِتُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَرَھو ڪَنگُوءَ ريٽَ تي، نيٽَ ڇِنائي نِتُ،
چانگي رکِئو چِتُ، پَرَمَلَ جي پَساھَ ڏي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 35 ]
چانگي رکِئو چِتُ، پَرَمَلَ جي پَساھَ ڏي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 35 ]
مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چيتاريجِ چِتُ،
تَہ دائِما دُورِبِيءَ ۾، پَسِين ولاتُنِ وِتُ،
نِيَھُ نِکاري نِتُ، مَلاحَ گَڏِ مُعلِمَ سين.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 5 ]
تَہ دائِما دُورِبِيءَ ۾، پَسِين ولاتُنِ وِتُ،
نِيَھُ نِکاري نِتُ، مَلاحَ گَڏِ مُعلِمَ سين.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 5 ]
لَهِر لَڳيندَيِئِي نِتُ، وِيرِ چِيريِنِدَيِئِي مَڪُڙِي،
جَنِ جيڏاھِين چِتُ، تَنِ تيڏاھيِن ڍُڪَنديُون.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 18 ]
جَنِ جيڏاھِين چِتُ، تَنِ تيڏاھيِن ڍُڪَنديُون.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 18 ]
ھُنَ ڀَرِ سُيَمِ ھُوءِ، سُتي سَنڀارَنِ جي،
چَڙَنِ چِتُ چورِئو، جُونڪُ ٿِئَڙُمِ جُوءِ،
مَحَبتَ ۽ مَجازَ جي، باللہ پييَمِ بُوءِ،
وَڃِي رُوبَرُوءِ، ديکِيان دوسِتَ ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 11 ]
چَڙَنِ چِتُ چورِئو، جُونڪُ ٿِئَڙُمِ جُوءِ،
مَحَبتَ ۽ مَجازَ جي، باللہ پييَمِ بُوءِ،
وَڃِي رُوبَرُوءِ، ديکِيان دوسِتَ ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 11 ]
ڇُلان مَنجِهمِ نَہ ڇاڪَ، پُران پُونِمِ پُرڪَڻا،
مَڇُڻ ڪا مُنڌَ ڪَري، موٽَڻَ جِي مَذاقَ،
چِتُ سَندو مُون چاڪَ، ھاڙِھي ھَڏِ ھَڻِي ڪِئو.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 18 ]
مَڇُڻ ڪا مُنڌَ ڪَري، موٽَڻَ جِي مَذاقَ،
چِتُ سَندو مُون چاڪَ، ھاڙِھي ھَڏِ ھَڻِي ڪِئو.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 18 ]
ڪوھُ ٿِيُون ڪوڙُ ڪَرِيو، ڪانَہ ھَلَندِي ڪيچَ ڏي،
سَرَتِيُون ۽ ساھيڙِيُون، مُون سين ٻَہ ٽي پيرَ ڀَرِيو،
جَنِي چِتُ چَرِيو، ڏُونگَرَ سي ڏورِيندِيُون.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 6 ]
سَرَتِيُون ۽ ساھيڙِيُون، مُون سين ٻَہ ٽي پيرَ ڀَرِيو،
جَنِي چِتُ چَرِيو، ڏُونگَرَ سي ڏورِيندِيُون.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 6 ]
ڪاڏي مُنھُن مَڪرانَ جو، ڪيڏانھَن ڪيچُ ٿِئو،
ھِھَڙو ساٿُ ڀَنڀورَ تان، ڪَڏِھِين ڪونَہ پِئو،
ڪوھِيارو ڪامَ ھَڻِي، چوري چِتُ وِئو،
جَنِي جَتُ نِيو، تَنِ اُٺَنِ گهورِي آھِيان.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 9 ]
ھِھَڙو ساٿُ ڀَنڀورَ تان، ڪَڏِھِين ڪونَہ پِئو،
ڪوھِيارو ڪامَ ھَڻِي، چوري چِتُ وِئو،
جَنِي جَتُ نِيو، تَنِ اُٺَنِ گهورِي آھِيان.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 9 ]
مُنھِنجو چِتُ چَرِئو ڪِئو، وِڌائُون وَھلُورَ،
سَرَتِيُون مُون کي سُورَ، ھِي ھُو ٿِئَڙا سامُھان.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 18 ]
سَرَتِيُون مُون کي سُورَ، ھِي ھُو ٿِئَڙا سامُھان.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 18 ]
توڻي مُون نَہ سَنڀالَ، توءِ سارِيان تَنِ کي،
ڪا جَا ڪِيائُون ڳالِهہ، جَنھِن مُنھِنجو چِتُ چَرِئو ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 17 ]
ڪا جَا ڪِيائُون ڳالِهہ، جَنھِن مُنھِنجو چِتُ چَرِئو ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 17 ]
ڀَلِي ڪِيَئِي ڀَلا پِرِين، ھِيئَن نَہ مُناسِبُ ھوءِ،
لائي چِتُ چَرِئَو ڪَري، پاڻُ ڪَڍِي وِئين پوءِ،
توڻي حُبَ نَہ ھوءِ، ھوتَ نَہ ڪِجَنِ ھيڏِيُون.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 3 ]
لائي چِتُ چَرِئَو ڪَري، پاڻُ ڪَڍِي وِئين پوءِ،
توڻي حُبَ نَہ ھوءِ، ھوتَ نَہ ڪِجَنِ ھيڏِيُون.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 3 ]
English Meaning
The mind. Attention, understanding, intelect.