ڇڏِئو جي سنڌي معنيٰ
ڇڏي ڏنو، ڦٽي ڪيو، ڪرڻ بند ڪيو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Abandoned, forsake, left, quit, gave up, let go, loosen.
ڇڏِئو جا بيتن ۾ حوالا
ھارِئَا ويڄَ مُياسِ، سُڌِ نَہ لَھين سُورَ جِي،
پِريان کي چُوندِياسِ، تَہ تَرسُ طَبِيبَنِ ڇڏِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 15 ]
پِريان کي چُوندِياسِ، تَہ تَرسُ طَبِيبَنِ ڇڏِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 15 ]
اُٿِي اَڙائِينسِ، ڇڏِئو تان ڇيڪَ ٿِئي،
کَهارَيان کِڙِئو وَڃي، پَلاڻِي پائِينسِ،
ڏاوَڻِ تَنھِن ڏانِئينسِ، جِيئَن چَري ۽ چِنگهي ڀُڻُو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 26 ]
کَهارَيان کِڙِئو وَڃي، پَلاڻِي پائِينسِ،
ڏاوَڻِ تَنھِن ڏانِئينسِ، جِيئَن چَري ۽ چِنگهي ڀُڻُو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 26 ]
اُٺَ نَہ وَڃي وَڳَ سين، چَري نَہ چانگو،
لَگيَس نائُڪَ نِينھَن جِي، نِھوڙِئو نانگو،
ڇڏِئو سِرَ سانگو، رِڙھي رَندِ پِرِيَنِ جي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 32 ]
لَگيَس نائُڪَ نِينھَن جِي، نِھوڙِئو نانگو،
ڇڏِئو سِرَ سانگو، رِڙھي رَندِ پِرِيَنِ جي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 32 ]
ڪَچي ڪَٽُ نَہ جَهلِئو، ڀيلو سَھي نَہ ڀَرُ،
ھَٿين پيرين آڱُرِيين، ٻانھُنِ ڇڏِئو ٻَرُ،
ساھَڙَ سِگهو وَرُ، پييَسِ مُنھِن مَھِراڻَ جي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 17 ]
ھَٿين پيرين آڱُرِيين، ٻانھُنِ ڇڏِئو ٻَرُ،
ساھَڙَ سِگهو وَرُ، پييَسِ مُنھِن مَھِراڻَ جي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 17 ]
ڪو جَو وَرِئو واءُ، جِيئَن ٻَرُ ٻانھُنِ ڇڏِئو،
اَڳي اِنَ تَڙان، آئُون اُونداھِيان اُڪِران.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 21 ]
اَڳي اِنَ تَڙان، آئُون اُونداھِيان اُڪِران.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 21 ]
مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄَئا، ڳورِي پِيُ ساري،
وَڏَ ڦُڙو واڪا ڪَري، اُٺو اوتاري،
کَرڪَڻُ ڪَڍي ڇڏِئو، مينهِڙِيَنِ ماري،
ڪَڪَرَ اَڄُ ڪاري، وارو ڏِنو وِڄَڙِيين.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 19 ]
وَڏَ ڦُڙو واڪا ڪَري، اُٺو اوتاري،
کَرڪَڻُ ڪَڍي ڇڏِئو، مينهِڙِيَنِ ماري،
ڪَڪَرَ اَڄُ ڪاري، وارو ڏِنو وِڄَڙِيين.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 19 ]
پُنهون ڇڏِئو پوءِ، جانِبُ جَبَلَ گهورِيين،
تيلاھِين تَنگُون ڪَرِيين، جيلاھِين تُون جوءِ،
ساڄَنُ سُڃَ نِھارِيين، ڏُکِي ڏوھُ ڪِئوءِ،
ھاڙِھي ھوتُ نَہ ھوءِ، وَرِي پُڇُ ويٺِنِ کي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 1 ]
تيلاھِين تَنگُون ڪَرِيين، جيلاھِين تُون جوءِ،
ساڄَنُ سُڃَ نِھارِيين، ڏُکِي ڏوھُ ڪِئوءِ،
ھاڙِھي ھوتُ نَہ ھوءِ، وَرِي پُڇُ ويٺِنِ کي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 1 ]
ڇڏِئو جَنِ ڀَنڀورُ، ڇَپَرُ تَنِ کي ڇاڙِڪِي،
ھَمَ غَمَ لَٿَنِ ھور، وَڃِي ڪيچِ قَرارِئا.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 3 ]
ھَمَ غَمَ لَٿَنِ ھور، وَڃِي ڪيچِ قَرارِئا.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 3 ]
ماڳھِين جَي مُئِي، ھُوندَ نَہ پيئِي مامِري،
ڇڏِئو جَي ڪُھِي، تَہ ھيڪارِي ھورُ لَھي.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 4 ]
ڇڏِئو جَي ڪُھِي، تَہ ھيڪارِي ھورُ لَھي.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 4 ]
تَنِ ڳُڻَنِ ڳَھَرَ وِڃائِي، ھو مائي جوڳِيَنِ مُون سين جي ڪِئا،
ڪَري مَرِجِ ڪاپَڙِي، گُرَ وَٽِ تُون گَدائِي،
اِشارَتُون اُنِ جُون، وانءُ کَپِي تُون کائِي،
نِنڊَ تَنھِن کي ناھِ ٿِي، جا آدِيسيَنِ اُٺائِي،
رِيجهائِي رَمُوزَ سين، کاھوڙِيَنِ آئُون کانِئي،
ھيڪائِي ھيڪُ ٿِئا، ٻُجَهنِ تان نَہ ٻِئائِي،
إنَّ اللهَ وِتْرٌ يُحِبُّ الوِتْرَ ، اُنِهين لَيءِ آئِي،
آھي اِنَهِيءَ ڳالِهہ جِي، راوَلَ اِيءَ رُباعِي،
اَکِيُنِ آرَسُ ڇڏِئو، دِلِ ۾ ناھِ دَغائِي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 8 ]