ڏاتارَ جي سنڌي معنيٰ
ڏيڻ وارو، انعام ڏيندڙ، بخشش ڏيندڙ، رِزقُ ڏيندڙ، داتا، ڏاتا، ڏاتَرُ، وڏيءَ دل وارو، درياه دِلُ، سخي، اُدار چِتُ، داني. بختاور، خوش نصيبُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Giver, one who gives, donor, mighty hearted.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
ڏاتارَ جا بيتن ۾ حوالا
مَڱَ نَہ تُسي مَڱِڻو، نَڪِي مِلڪَ نَہ مالِ،
ڏَنَنِئُون ڏُورِ ٿِيي، ڪا جَا ڳَنِس ڳالِهہ،
آھي اِنَ خِيالِ، تَہ ڏيٺِي ٿِييمِ ڏاتارَ سين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 21 ]
ڏَنَنِئُون ڏُورِ ٿِيي، ڪا جَا ڳَنِس ڳالِهہ،
آھي اِنَ خِيالِ، تَہ ڏيٺِي ٿِييمِ ڏاتارَ سين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 21 ]
ڏيٺي سين ڏاتارَ، يارَ، ڪِي موچارِي مَڱڻي،
اَچِي چارَڻَ نَہ چورِيين، ڪا جَا تَندُ تَنوارَ،
سا سِيباڻِي راڄِيي، سَٻاجهي سَتارَ،
نِڀاڳَنِ نَوازَ ٿِي، ٽِلَنِ ٿا ٽاٽارَ،
آيو حاتِمُ ھَٿَ ۾، لَنگهي جِيئَن ڀَتارُ.
[ سُر سورٺ، وايون، 1 ]
اَچِي چارَڻَ نَہ چورِيين، ڪا جَا تَندُ تَنوارَ،
سا سِيباڻِي راڄِيي، سَٻاجهي سَتارَ،
نِڀاڳَنِ نَوازَ ٿِي، ٽِلَنِ ٿا ٽاٽارَ،
آيو حاتِمُ ھَٿَ ۾، لَنگهي جِيئَن ڀَتارُ.
[ سُر سورٺ، وايون، 1 ]
ڪَٽي سِرُ ڪَٽارَ سين، ٺَهرايائِين ۾ ٺارَ،
ڪوڙيِين ڪِيرَتِيا آيا، حاڪِمَ حُڪمدارَ،
سَوين سُوالي آيا، بابُو، بيکَڻَدارَ،
سَڀَ ڏَگمَگِئا ڏاتارَ، سُڻِي ڏانُ ڏِياچَ جو.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 17 ]
ڪوڙيِين ڪِيرَتِيا آيا، حاڪِمَ حُڪمدارَ،
سَوين سُوالي آيا، بابُو، بيکَڻَدارَ،
سَڀَ ڏَگمَگِئا ڏاتارَ، سُڻِي ڏانُ ڏِياچَ جو.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 17 ]
سورَٺِ مُئِي سُکُ ٿِئو، خِيما کَنيا کَنگهارَ،
نَڪو راڳُ نَہ رُوپُ ڪو، نَہ ڪا تَندُ تَنوارَ،
مَٿو مَڱڻَھارَ، ڏِنو سِرُ ڏاتارَ کي.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 18 ]
نَڪو راڳُ نَہ رُوپُ ڪو، نَہ ڪا تَندُ تَنوارَ،
مَٿو مَڱڻَھارَ، ڏِنو سِرُ ڏاتارَ کي.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 18 ]
کَڙَھَ اَڳِئان کَپُ، ڏِھاڙِي ڏاتارَ جي،
لاھِ مَ لَنگها لِکَ سِينءَ، مَٿان چانئُٺِ چِتُ،
مَڱڻَھارَنِ مَپُ، ڪِيرَتِ ريءَ ڪو نَہ ٻِئو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 18 ]
لاھِ مَ لَنگها لِکَ سِينءَ، مَٿان چانئُٺِ چِتُ،
مَڱڻَھارَنِ مَپُ، ڪِيرَتِ ريءَ ڪو نَہ ٻِئو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 18 ]
جِيئَن هِتِ لَونگَ لِيارَ، تِيئَن هُتِ ڦوڳَ ڦوٽَنِئُون اڳِرا،
سَرَهِي سُڳندِيُنِ کان، پُسِي کِين پَنوهارَ،
ماکِيان مِٺا ڀانيان، سَندا ڏنئُرَنِ ڏارَ،
ڏِنِيَمِ جي ڏاتارَ، سي ويٺِي گَهڙِيُون گَهارِيان.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 9 ]
سَرَهِي سُڳندِيُنِ کان، پُسِي کِين پَنوهارَ،
ماکِيان مِٺا ڀانيان، سَندا ڏنئُرَنِ ڏارَ،
ڏِنِيَمِ جي ڏاتارَ، سي ويٺِي گَهڙِيُون گَهارِيان.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 9 ]
سَھِسين ھُئا سارِنگِئا، مانجِهي مَڱڻَھارَ،
تَنِ ڳَڙَھان اوري ٿي ڳايو، سَھِسين ڪَري سِينگارَ،
تُنبيري جي تَندُ جِي، پھرِين ھُئِي پَچارَ،
آءُ مَٿاھُون مَڱڻا، لَنگهي دَرُ دُوارَ،
توکي گهوٽَ گُهرايو، خِلوَتَ لَئي کَنگهارَ،
اَلسَّلَامُ عَلَیْڪَ أَیُّہَا النَّبِیُّ وَرَحْمَۃ اللّٰہِ ، کِلي ڪِئائُون کِيڪارَ،
تِھان پوءِ ڏاتارَ، ڏِئُو مُلڪُ مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 11 ]

ٻيلي ٻَئِي پارَ، جانۡ مُون نيڻين گهَڻو نِھارِئا،
چوري رَکِئَمِ چِتَ ۾، ڏِسِنِ جا ڏاتارَ،
تانۡ ھِيءُ سِرُ توھان ڌارَ، ٻِيجي ڪَنھِن نَہ ٻولِئو.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 16 ]
چوري رَکِئَمِ چِتَ ۾، ڏِسِنِ جا ڏاتارَ،
تانۡ ھِيءُ سِرُ توھان ڌارَ، ٻِيجي ڪَنھِن نَہ ٻولِئو.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 16 ]
سَمُو سَخاوَتَ جِي، اُڀو پُڇي پَرِ،
ڪوٺي ڪَنگالَنِ کي، ڏي دِلاسو دَرِ،
مَٿي وِلَهنِ وَرِ، ڏِھاڙِي ڏاتارَ جِي.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 14 ]
ڪوٺي ڪَنگالَنِ کي، ڏي دِلاسو دَرِ،
مَٿي وِلَهنِ وَرِ، ڏِھاڙِي ڏاتارَ جِي.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 14 ]
English Meaning
Giver, one who gives, donor, mighty hearted.