ڏاتارُ جي سنڌي معنيٰ
ڏيڻ وارو، انعام ڏيندڙ، بخشش ڏيندڙ، رِزقُ ڏيندڙ، داتا، ڏاتا، ڏاتَرُ، وڏيءَ دل وارو، درياه دِلُ، سخي، اُدار چِتُ، داني. بختاور، خوش نصيبُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Generous; charitable، Giver, one who gives, donor, mighty hearted.
ڏاتارُ جا بيتن ۾ حوالا
ڏوري لَھُ ڏاتارُ، جِمَ وِھين ويسَلو،
ھَڪِيو ھوئِجِ ھوشِيارِ، کِوَڻِ کِوَندِيَئيِ اوچتِي.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 6 ]
ھَڪِيو ھوئِجِ ھوشِيارِ، کِوَڻِ کِوَندِيَئيِ اوچتِي.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 6 ]
ويٺو ڏي ڏاتارُ، ٻَڌِئو ماڻِڪَ مُوڙِيين،
ڪَمُ نَہ ڄاڻِي ڪِي ٻِئو، وِڄا جو واپارُ،
لَٿو ڏيھَ ڏُڪارُ، جُنگَ ساماڻي جَکِري.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 15 ]
ڪَمُ نَہ ڄاڻِي ڪِي ٻِئو، وِڄا جو واپارُ،
لَٿو ڏيھَ ڏُڪارُ، جُنگَ ساماڻي جَکِري.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 15 ]
تُون سَٻَڙُ آئُون سيڪِڙُو، تُون پارَسُ آئُون پينارُ،
ڏِسَندي ڏاتارُ، ڪُلهي پاتُمِ ڪِينِرو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 8 ]
ڏِسَندي ڏاتارُ، ڪُلهي پاتُمِ ڪِينِرو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 8 ]
ڏاتارُ تَہ تُون، ٻِئا مِڙيئِي مَڱڻا،
مِينھَن تَہ مُندين وَسِڻا، سَدا وَسين تُون،
جي گهَرِ اَچين مُون، تَہ ميرِيائِي مانُ لَھان.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 11 ]