ڏورِيندِيُون جي سنڌي معنيٰ
ڪنھن بہ شئي جي ڳولا ۾ رلنديون، ڳولينديون، ڳولا ڪنديون ڍونڍينديون، ووڙينديون، پٺيان پونديون. ڳولهينديون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Will roam and search. Will research, will obtain, will try to have any thing.
ڏورِيندِيُون جا بيتن ۾ حوالا
سُکَنِ وارِيۡ سَڌَ، مَتان ڪا مُون سان ڪَري،
اَندَرُ جَنِي اَڌَ، ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 5 ]
اَندَرُ جَنِي اَڌَ، ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 5 ]
ڪوھُ ٿِيُون ڪوڙُ ڪَرِيو، ڪانَہ ھَلَندِي ڪيچَ ڏي،
سَرَتِيُون ۽ ساھيڙِيُون، مُون سين ٻَہ ٽي پيرَ ڀَرِيو،
جَنِي چِتُ چَرِيو، ڏُونگَرَ سي ڏورِيندِيُون.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 6 ]
سَرَتِيُون ۽ ساھيڙِيُون، مُون سين ٻَہ ٽي پيرَ ڀَرِيو،
جَنِي چِتُ چَرِيو، ڏُونگَرَ سي ڏورِيندِيُون.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 6 ]
اَئِين جٖي وَرَنِ وارِيُون، سَرَتِيُون سَڌَڙِيُون،
آرِياڻِيءَ پُنهونءَ جي، ٻولَ نَہ ٻَڌَڙِيُون،
جٖي لِکِئي لَڌَڙِيُون، ڏُونگَرَ سي ڏورِيندِيُون.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 7 ]
آرِياڻِيءَ پُنهونءَ جي، ٻولَ نَہ ٻَڌَڙِيُون،
جٖي لِکِئي لَڌَڙِيُون، ڏُونگَرَ سي ڏورِيندِيُون.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 7 ]
وَڃو سَڀَ وَرِي، اَئِين جٖي وَرَنِ وارِيُون،
ڦوڙائي فِراقَ جِي، سُڄي ڳالِهہ ڳَرِي،
ٻُنڀان جَنِ ٻَرِي، ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 8 ]
ڦوڙائي فِراقَ جِي، سُڄي ڳالِهہ ڳَرِي،
ٻُنڀان جَنِ ٻَرِي، ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 8 ]
پُڇَنِ سي پَسَنِ، جَڏھِن تَڏِھِين پِرِينءَ کي،
ڏورِيندِيُون ڏِسَنِ، اَڱَڻَ عَجِيبَنِ جا.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 12 ]
ڏورِيندِيُون ڏِسَنِ، اَڱَڻَ عَجِيبَنِ جا.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 12 ]
ڀينَرُ آئُون ڀورِي جَنھِن مُون سَڱُ سُڃاڻِي نَہ ڪِئو،
ڏِيندا مُون ڏيرَ وِئا، جِهڄَڻَ ۽ جهورِي.
لَڳِي جَنِ لورِي، ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 17 ]
ڏِيندا مُون ڏيرَ وِئا، جِهڄَڻَ ۽ جهورِي.
لَڳِي جَنِ لورِي، ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 17 ]
رَھِيو ويٺِي راڳِ، اَمَڙِ اورِئان نِجُهرو،
لاٿو ڏيھَ وَڻَنِ سين، مُون لاڳاپو ۽ لاڳِ،
ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون، جَنِ اَندَرِ ٻَرِي آڳِ،
ھوتاڻِي ھِنَ ماڳِ، مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 1 ]