ڏيھِ جي سنڌي معنيٰ
ديس ڏي يا ۾، ملڪ، ڏيس، ديش. پنھنجي شھر، ڳوٺ، گام، وطن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To country, region, area, village etc.
ڏيھِ جا بيتن ۾ حوالا
وانءُ وَھِلِي نِڪِرِي، نَنگَرُ جانۡ نَہ کَڻَنِ،
مَڇُڻ ڏيھِ وَڃَنِ، نارِيُون پُوري ناکُئا.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 6 ]
مَڇُڻ ڏيھِ وَڃَنِ، نارِيُون پُوري ناکُئا.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 6 ]
ٿاوَرَ اُٿِي پَسُ، ڏيھِ کِوَندِي وِڄُڙِي،
مَنُ کُلِي باغُ ٿِئو، ھِينئَڙي لَٿِي ڪَسُ،
تَنِي ڪارَڻِ وَسُ، جَنِ وَرَ مَٽائي ڀائُرَ ڪِئا.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 3 ]
مَنُ کُلِي باغُ ٿِئو، ھِينئَڙي لَٿِي ڪَسُ،
تَنِي ڪارَڻِ وَسُ، جَنِ وَرَ مَٽائي ڀائُرَ ڪِئا.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 3 ]
ڏُورِ مَ ڏيھِ وِئو، پيرُ تُنھِنجي پِرِينءَ جو،
وِھَڻُ واٽَڙِيُنِ تي، ڪيچِيَنِ ري ڪِھو،
وِندُرِ جو وِئو، اَلا واري آڻِيين.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 1 ]
وِھَڻُ واٽَڙِيُنِ تي، ڪيچِيَنِ ري ڪِھو،
وِندُرِ جو وِئو، اَلا واري آڻِيين.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 1 ]
ڪارُون سي ڪُوڙا، جٖي تو ڪِئا اُنِ سين،
ساٿِي سَنڀُوڙا، ڏيرَ پَنھِنجي ڏيھِ وِئا.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 16 ]
ساٿِي سَنڀُوڙا، ڏيرَ پَنھِنجي ڏيھِ وِئا.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 16 ]
مَڻِيو وِجِهي مِٽِيءَ ۾، ھائِيءَ وِجِهِج ھارُ،
سُوڀِي سُکُ سَيِّدُ چئَي، ڪَرِيين ڪوھُ قَرارُ،
راجا رِيساڻُون گهَڻو، سَٽاڻُون سَرِدارُ،
چوڏِسِ چَنيسَرَ ڄامَ جو، ڏيھان ڏيھِ ڏَھڪارُ،
ٺاڪُرُ اَکِيُنِ ٺارُ، مَڻِيي تي ٿِي مَٽِيين.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 3 ]

عُمَرَ اَباڻَنِ کي، چوٿِينءَ چِڪَنِ چاڪَ،
مارُئِي مارُوئَڙَنِ جي، فَنا ڪِي فِراقَ،
ڪاٺِيارا ڪَذاڪَ، ڪَنھِن ڏُوراڻي ڏيھِ وِئا.
[ سُر مارئي، سارئان ۽ چڪن چاڪ، 5 ]
مارُئِي مارُوئَڙَنِ جي، فَنا ڪِي فِراقَ،
ڪاٺِيارا ڪَذاڪَ، ڪَنھِن ڏُوراڻي ڏيھِ وِئا.
[ سُر مارئي، سارئان ۽ چڪن چاڪ، 5 ]
مُنھِنجو مَنُ مِيان، واڳِئو ويڙِهيچَنِ سين،
پَھِي پاکِي پَٽِڙِي، پِرِيَنِ ساڻُ پِيان،
حَرَفَ لَٿي ھيڪَڙي، ھِتي تان نَہ ھُئان،
پيرُ نَہ ڇَڏِيان پِرِينءَ جو، جيسِين ٿِي جِيئان،
آئُون ڪِيئَن لوئِي لاھِيان، ڪارَڻِ ٻِين ڏِينھان،
کِيرُون کَٿيرِنِ کي، وَڃِي ڏيھِ ڏِيان.
[ سُر مارئي، وايون، 4 ]