ڏيھُ جي سنڌي معنيٰ
ديس، ملڪ، ڏيسُ، ديش. پنھنجو شهر، ڳوٺ، گام، وطن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Country, region, area, village
ڏيھُ جا بيتن ۾ حوالا
وَڍِيين تان ويھُ، نَہ تَہ وَٺِئو واٽَ وَنءُ تُون،
ھِيءُ تَنِي جو ڏيھُ، ڪاتِي جَنِي ھَٿَ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 15 ]
ھِيءُ تَنِي جو ڏيھُ، ڪاتِي جَنِي ھَٿَ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 15 ]
جيڏِيُون ھِيءُ ضَرُورُ، آيَلِ ڪِيئَن رَھَندو پِرِينءَ ري،
سَگهو ساٿَ نَہ جِندَڙو، چارَئِي پَھَرَ چُورُ،
مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، ساجَنَ تُنھِنجو سُورُ،
پيرين آئُون نَہ پُڄِڻي، ڏيھُ پِريان جو ڏُورِ،
وَڃي ويلَ سَڀَ ڪَنھِن، ھِينئَڙو پِرِينءَ حُضورُ.
[ سُر کنڀات، وايون، 7 ]

ويرَ مَ لاھي ويھُ، مَٿي آرَ اوڙاھَ جي،
پَسِي پاڙي وارِيُون، ڪِجِ اَنديشو اِي،
ويندو نَہ ڏِسين ڏيھُ پَتَڻِ ھُنَ پارِ مَڻي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 18 ]
پَسِي پاڙي وارِيُون، ڪِجِ اَنديشو اِي،
ويندو نَہ ڏِسين ڏيھُ پَتَڻِ ھُنَ پارِ مَڻي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 18 ]
وَڻِجارو آيو، ماءَ مُرادُون پُنِيُون،
مُعَلِمُ ڪَري مُوڙَھَنِ جو، ھادِيءَ ھَلايو،
سامُونڊِيَنِ سَفَرَ جو، سَدائِين سَعيو،
اُونِهي وَڃَنِ اوھَرِي، ڪو ڏيھُ چِتايو،
اُنِ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ٿِئو سَفَرُ سَجايو.
[ سُر سامونڊي، وايون، 12 ]
مُعَلِمُ ڪَري مُوڙَھَنِ جو، ھادِيءَ ھَلايو،
سامُونڊِيَنِ سَفَرَ جو، سَدائِين سَعيو،
اُونِهي وَڃَنِ اوھَرِي، ڪو ڏيھُ چِتايو،
اُنِ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ٿِئو سَفَرُ سَجايو.
[ سُر سامونڊي، وايون، 12 ]
موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، جُڙِي ڪِئائِين جوڙَ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ٻَھَ ٻَھَ ڀِرَنِ ڀَؤُنرَ،
اَنَنِ جا عالَمَ ۾، کَرَ لَڳي ٿِئا کوڙَ،
سارَنگَ لاٿِي، سوڙَھ، سَڀُ ڏيھُ سَھائو ٿِئو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 4 ]
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ٻَھَ ٻَھَ ڀِرَنِ ڀَؤُنرَ،
اَنَنِ جا عالَمَ ۾، کَرَ لَڳي ٿِئا کوڙَ،
سارَنگَ لاٿِي، سوڙَھ، سَڀُ ڏيھُ سَھائو ٿِئو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 4 ]
واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، اَڳَ نَہ ڏيھُ ڏٺومِ،
ڏُونگَرُ ڏوراپَنِ سين، ڪاتِيءَ ريءَ ڪُٺومِ،
جيلان مُحِبُ مِٺومِ، ڇُلُون ڪَرِيان تي ڇَپَرين.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 4 ]
ڏُونگَرُ ڏوراپَنِ سين، ڪاتِيءَ ريءَ ڪُٺومِ،
جيلان مُحِبُ مِٺومِ، ڇُلُون ڪَرِيان تي ڇَپَرين.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 4 ]
ڏيھُ ڏِيھائِين ڏُورِ، پَرَ ڏيھان پَري ٿِئو،
سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي، پيئِي پَراھين پُورِ،
تُون ٿو وَڃين ھوتَ حُضُورِ، مُنھِنجو جِيئَڻُ جيلاھِين ٿِئي.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 8 ]
سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي، پيئِي پَراھين پُورِ،
تُون ٿو وَڃين ھوتَ حُضُورِ، مُنھِنجو جِيئَڻُ جيلاھِين ٿِئي.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 8 ]
ڏوري ڏوري ڏيھُ، ٿَڪِيَسِ ٿورو لاءِ مُون،
اُوچا پاھَڻَ پَٻَ جا، ڇَپَرَ ڪونِهي ڇيھُ،
ھِڪُ پاھَڻُ ٻِئو پَرَڏيھُ، موٽُ سَٻاجها سُپِرِين.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 1 ]
اُوچا پاھَڻَ پَٻَ جا، ڇَپَرَ ڪونِهي ڇيھُ،
ھِڪُ پاھَڻُ ٻِئو پَرَڏيھُ، موٽُ سَٻاجها سُپِرِين.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 1 ]
اوجَهڙِ اَسُونھِنِ، ڏيھُ گهَڻو ئِي ڏورِئو،
سَڳَرِ ريءَ سُونھَنِ، پَھتِي ڪانَہ پَنڌُ ڪَري.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 8 ]
سَڳَرِ ريءَ سُونھَنِ، پَھتِي ڪانَہ پَنڌُ ڪَري.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 8 ]
ڏُکِيءَ توءِ ڏُڪارُ، سيڻَنِ ڏيھُ سُڪارِئو،
ٻاروچاڻُو پارُ، سَڀوئِي سُواءَ سين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 20 ]
ٻاروچاڻُو پارُ، سَڀوئِي سُواءَ سين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 20 ]
English Meaning
Country, region, area, village