ڏِکَ جي سنڌي معنيٰ
شاديءَ جي هڪ رسم، شاديءَ واري ڏينھن کان ٽي ڏينھن اڳ ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار کي ڳاڙهو ڌاڳو هٿ ۽ پير ۾ ٻڌي ڇِلي ويھارڻ جي رسم. شاديءَ کان اڳ گهوٽ ۽ ڪنوار جو سينگار، ھار سينگار. شاديءَ کان هڪ ڏينھن اڳ يا پوءِ ڪيل مجلس.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A king of ritual where bride & groom sit together and a red silky thread wore them
ڏِکَ جا بيتن ۾ حوالا
اَنڌِيءَ وَڇُون ڪَنڌِيءَ وَڇُون، تَنگِئان لَھي نَہ تِکَ،
صُورَتَ جَا ساھَڙَ جِي، ڏِيلَ مُنھِنجي ڏِکَ،
واھُڙُ تَنِي وِکَ، جَنِ سانڀاران سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 2 ]

ڏُکِي ڏِکَ وِسارِ، سيڄَ ڦِٽِي ڪَرِ سَسُئِي،
پَٽِيين پيرُ نِھارِ، تَہ آرِياڻِي اُتان لَھين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 6 ]

ھَر دَمُ ھوتَ پُنهونءَ جو، ڏِسَڻُ ڀانِئجِ ڏِکَ،
وَرُ ٻاروچاڻِي لِکَ، کُوءِ ٻارَھن ماھَ ٻِئَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 10 ]

بُرو ھو ڀَنڀورُ، آرِياڻِيءَ اُجارِئو،
لاٿو سَڀَ ڪَنھِن لوڪَ تان، ھاڙِي ڌَڻِيءَ ھورُ،
ڇورِيُون ڇُرَڻُ سِکِيُون، پُنهون مُنھِنجو پورُ،
آيو سو اَتورُ، جَنھِن ڏُکِيُون ڏِکَ وِھارِيُون.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 15 ]

واڪِئو واڪِئو وِکَ، پاٻُوھِيو پيرُ کَڻِي،
سي نَہ چَڙَھندِيُون ڏِکَ، موڙي پيرُ مَڻَن جي.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 7 ]

وِجُهہ وَڌَندِي وِکَ، مَڇُڻ لِکَ لَکائِيين،
ڏُکُ تَنِي کي ڏِکَ، حُبَ جَنِي کي ھوتَ جِي.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 8 ]

ڪَڪَرُ ڪِيائِينمِ ڪاڪِ جو، ڏيئِي لاڙِيءَ لِکَ،
ھاڻي مَٿي ڏِکَ، چَرِھئو ٿِي چاڳَ ڪَرِيان.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 30 ]

ڏَھين ڏِينھَن ڏِکَ ٿِئا، پِرِين پاٻوھِئا پَسُ،
وَرَقَ جي وِصالَ جا، واري ڪِئائُون وَسُ،
لَڌائُون لَطِيفُ چئَي، سَندو گُرُوءَ گَسُ،
جوڳِيَنِ کَٽِئو جَسُ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 10 ]