ڦَٽَ جي سنڌي معنيٰ
زخم، گهاءَ، چير، وڍ. ٺپ، واڍوڙ، چاڪ، ڦچ. داغ، ساڙ وڏيون ڦرڙيون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Wounds, sores, injuries.
ڦَٽَ جا بيتن ۾ حوالا
سُورَ مَ ڏي ڌُوڻَ آئُون اَڳيئِي ڪانھِري،
ڦَٽَ اَڳيئِي ڦَٽِيا، تُون لَپُون آڇِ مَ لُوڻَ،
جا پَرِ پَروڻَ، سا پَرِ مُنھِنجي جِندَڙي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 10 ]
ڦَٽَ اَڳيئِي ڦَٽِيا، تُون لَپُون آڇِ مَ لُوڻَ،
جا پَرِ پَروڻَ، سا پَرِ مُنھِنجي جِندَڙي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 10 ]
بيکارِيءَ کي بَرَ پَٽَ ۾، چُرِئو ڪيفُ چَڙِھِي،
ڳالِهيُون ڪَندي ڪاڪِ جُون، ڳوڙھا پيَسِ ڳَڙِي،
ڪا جَا اَنگُهہ اَڙِي، جِيئَن ڇُٽا ڦَٽَ ڇُڙِي پِئا.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 12 ]
ڳالِهيُون ڪَندي ڪاڪِ جُون، ڳوڙھا پيَسِ ڳَڙِي،
ڪا جَا اَنگُهہ اَڙِي، جِيئَن ڇُٽا ڦَٽَ ڇُڙِي پِئا.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 12 ]
English Meaning
Wounds, sores, injuries.