ڦَٽُ جي سنڌي معنيٰ
زخم، گهاءُ، چير، وڍ. ٺپ، واڍوڙ، چاڪ، ڦچ. داغ، ساڙ وڏي ڦرڙي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A wound, sore,
ڦَٽُ جا بيتن ۾ حوالا
ڏِجاھُ ڍَاٽِيءَ ڍولَ کي، سَنِيھو ساري،
مُون کي ڦَٽُ فِراقَ جو، مَينڌَرا ماري،
اَچين نَہ واري، ڪَرَھو ڪَمِيڻِيءَ تي.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 2 ]
مُون کي ڦَٽُ فِراقَ جو، مَينڌَرا ماري،
اَچين نَہ واري، ڪَرَھو ڪَمِيڻِيءَ تي.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 2 ]
رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، پَرَچُ، مَ وانءُ پَري،
وِڌُمِ، ڦَٽُ فِراقَ جو، جِھَتَ جي ذَري،
لالَڻَ جي لَطِيفُ چئَي، سُونھائِي سَري،
آيَسِ تو ڳَري، تَہ سوڍا سُکِياڻِي ٿِيان.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 10 ]
وِڌُمِ، ڦَٽُ فِراقَ جو، جِھَتَ جي ذَري،
لالَڻَ جي لَطِيفُ چئَي، سُونھائِي سَري،
آيَسِ تو ڳَري، تَہ سوڍا سُکِياڻِي ٿِيان.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 10 ]
English Meaning
A wound, sore,