کَڻُ جي سنڌي معنيٰ
سنڀال، نباھ، بجا ڪر
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Load, take, obey
کَڻُ جا بيتن ۾ حوالا
ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏانھِين، جو تُون ڄامُ مَڱَندين مَڱڻا،
ڦيرِ مَ ڪَنڌُ ڪِياڙِي، ٿِيندِي حاجَ ھِنئائِين،
ماڻِڪَ موتِي مالَ خَزانا، ڏِيندُءِ ٻيلِي سائِين،
وِرِچِي تُون وِھاڳَ کان، مَتان ڏيِين پانھِين،
دَرِ داتا مَڱُ مَڱَتا، اَنڌا ھوئِجِ ايڏھِين،
مُذَڪِرَ مَتان ڇَڏِيين، ھَٿان ھيڪِڙائِي،
اَچِجِ اُلُوھيَتَ ڏي، ڇَڏِ ٻارِٽَ ٻِيائِي،
ٻِيُون ڏيئِي ٻَنِ کي، کَڻُ سَمُو سَوائِي،
إنَّ اللهَ وِتْرٌ يُحِبُّ الوِتْرَ ، وَحدَتَ واڳَ وِڌائِين،
پَنھِنجي طَرَفِ پاڻِهين، سائِلَ سَڏِئائِين،
جِتي جُوانَنِ کي، ڪوٺي ڪُٺائين،
اُتي عُشاقَنِ کي، اُلُفَتَ اُھُڃُ ڏِنائِين،
تَنبُو کَڻُ مَ تيڏانھِين، جيفو آھِ جيڏانھِين،
ڪِيرَتِ ڪَرِ قُرِبَ سين، خُلَتَ کاڄُ ڏِنائِين،
اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، اِنَ پَرِ اُتائِين،
ڳُجُهہ ڳُجهاندَرَ ڳالِهيُون، رازُ نَہ رَکِئائِين،
پَسو پينارَن جي پَٽَ ۾، پَنھِنجو پاڻُ وِڌائين.
[ سُر جاجڪاڻي، وايون، 1 ]

مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتان لاھِ مَ چُرَ،
اُنِهين جا اَمُرَ، کَڻُ تَہ خالِي نَہ ٿِيين.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 1 ]

سِڪَ نَہ آھي سُٿِرِي، کَڻُ پَرُوڙي پيرُ،
ڪُسَڻَ ڌاران ڪيرُ، ڪَري سَڌَ صِراطَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 14 ]

ويندِي آئُون پِرِيَنِ وَٽِ، مُون وِھُ وَڻِجارَنِ سين،
وايُون وَڻِجارَنِ جُون، اَدِيُون اَڄُ نَہ ھَٽِ،
ڏيئِي سِڙُه سِيرَ ٿِئا، پيرُ نَہ لايائُون پَٽِ،
پَڳَھُ کَڻُ مَ پاتِڻِي، جانِي مُون وَٽِ جَٽِ،
ڳَرَھِيان سُورُ سَفَرَ جو، ھَلِي پَنھِنجي ھَٽِ،
پُورِيندِيَسِ پِرِينءَ ڏي، ڪا نَہ ڪنديِسَ گَهٽِ.
[ سُر سامونڊي، وايون، 8 ]

پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين، ريءَ وَسِيلي وَڃُ،
ڀيلو ڀيري ڀَڃُ، اُڪَنڊَ کَڻُ عَمِيقَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 34 ]

ڪَڪَرَ مَنجِهہ ڪَپارَ، جُهڙُ نيڻين نَہ لَھي
جِھَڙا مُنھِنجا سُپِرِين، تِھَڙا ميگهَہ مَلهارَ ،
کَڻُ اَکِيُون کِلُ يارَ، تَہ وَڃَنِ سُورَ سَنڌو ڪِئو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 20 ]

ويھُ مَ مُنڌَ ماٺِ ڪَري، کَڻُ پِرِينءَ پيرُ،
سُورَ تو سان سَسُئِي، واري ويٺا ويرُ،
ڪَرَ لَھَندو ڪيرُ، ھيڪَلِيءَ جِي حَبَ ۾.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 24 ]

ھَلُ ھِنيَين سين ھوتَ ڏي، سِسِي کَڻُ مَ ساڻُ،
جَنِي ڀانيو پاڻُ سي آرِياڻِيان اوري رَھِيون.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 18 ]

لائي خَنجَرُ ”لا“ جو ”ھَي“ خَچَرَ کي ھَڻُ،
سَڌُنِ جُون سَيِّدُ چئَي، وَٿُون سَڀَ وِڪِڻُ،
پيرُ پَرُوڙي کَڻُ، تَہ ھَلَڻَ ۾ ھَورِي وَھين.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 8 ]

اَمَڙِ کَڻُ وِچان، چَرَکو چِيھاڙِيُون ڪَري،
مَڇُڻ ھوتُ ھِنيان، مُون ڀيرِيندِيءَ وِسِري.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 7 ]