ڪَتِيُون جي سنڌي معنيٰ
ڪَتِي، آسمان ۾ ستن ننڍڙن تارن جي ميڙ وارا نکٽ. مٿي آسمان ۾ ڪجهہ ستارن جا جهڳٽ. (چوڻي تہ ڪَتي وِڇُونءَ جي مڱ آهي، انهي ڪري ٻئي ساڳئي وقت آسمان ۾ نہ ھوندا، ڪتي لھي تہ وڇون اڀري)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The Pleiades, also known as The Seven Sisters and Messier 45, is an open star cluster containing middle-aged, hot B-type stars in the north-west of the constellation Taurus.
ڪَتِيُون جا بيتن ۾ حوالا
کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جَڏھِن نازَ ڪِئائُون نَظَرُ،
سُورَجَ شاخُون جَهڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ،
تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِئا، ديکِيندي دِلبَرُ،
جَهڪو ٿِئو جوھَرُ، جانيءَ جي جَمالَ سين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 1 ]
سُورَجَ شاخُون جَهڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ،
تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِئا، ديکِيندي دِلبَرُ،
جَهڪو ٿِئو جوھَرُ، جانيءَ جي جَمالَ سين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 1 ]
تارا تَہ تارا، ٻِيُون مِڙيئِي ڪَتِيُون،
سَڄَڻَ سوڀارا، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آيا.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 4 ]
سَڄَڻَ سوڀارا، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آيا.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 4 ]
ڪَتِيُون ڪَپارِ آيُون، لُڌا وِئا لَڙِي،
موٽُ مُئِيءَ جا وَلَها، چانگي تي چَڙِھِي،
راڻِي لَئي رَڙِي، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 6 ]
موٽُ مُئِيءَ جا وَلَها، چانگي تي چَڙِھِي،
راڻِي لَئي رَڙِي، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 6 ]
ڪَتِيُون ڪَپارِ آيُون، ٽيڙُو اُڀا ٽيئي،
راڻو راتِ نَہ آيو، ويلَ ٽَرِي ويئئِي،
کُوءِ سا کاڻِي راتِڙِي، پِريان ريءَ پيئِي،
مُون کي ڏَنءُ ڏيئِي، ڍولئِو ڍَٽِ قَرارِئو.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 7 ]