ڪَمَ جي سنڌي معنيٰ
فعل، ڪار، ڪارج، حاجَ. ڌنڌو، پيشو، هُنر، حرفتَ، مشغوليون، ڪرت، پورهيو. عَملَ، شُغُل، لايا لڳايا، ڪشالا، پورهيا ڪارهيا. محنت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Businesses, works, acts, affairs, duties, occupations, uses.
ڪَمَ جا بيتن ۾ حوالا
سَڀَيئِي سُبحانَ جي، ڪَرِ حَوالي ڪَمَ،
ٿِيءُ تَحقِيقُ تَسلِيمَ ۾، لاھي غَمَ وَھمَ،
قادِرُ ساڻُ ڪَرَمَ، حاصِلُ ڪَري حاجَ تو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 2 ]

ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڪَرَڻُ ڪوھَ پِئامِ،
اَرڏا آرِيءَ ڄامَ ري گُوندَرَ گُذَرِئامِ،
لَڪِيُون لَڪَ لَطِيفُ چئَي، اپرانگهَڻُ آيامِ،
پُرڻُ پُنهونءَ پُٺِ ۾، اِيءَ سَعادَتَ سَندِيامِ،
مَٿِسِ ڪَمَ وِڌامِ، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 1 ]

ھِينئَڙو ٿو ھُنَ ساري مُنھِنجو ساھُ سَيِّدَ کي ٿو ساري،
جيڏِيُون آئُون ھَلَندِي ويندِي ھوتَ ڏي،
جيرو اَندَرِ جِندَڙي، وِئو ٻاروچو ٻاري،
سَچو سُخُنُ سُپِرِين، قَولُ پُنَهلُ پَنھِنجو پاري،
پَنڌَ اَڙانگا پَٽِيين، مُون کي ڪوھِيارو ٿو ڪاري،
ھوتَنِ ھَلَڻُ مَنَ ۾، ڪيرَ گهَڙِي ھِتِ گهاري،
آسَرَ ڀَري آھِيان، واحِدُ آڻينِ واري،
وِڌا ڪَمَ ڪَرِيمَ تي ھِنَ ويچارِيءَ واري.
[ سُر ديسي، وايون، 3 ]

ھيرَ گهَرِ اِيندَمِ ڙِي، ھِهَڙا موچارا سُپِرِينِ،
ڪَنوَلَ جِھَڙا مُکِڙا، ڀَؤُنرَ ڀَوَندَڙا رَسُ پيتُمِ ڙِي،
آئُون جَنِي جِي آھِيان، ڇَپَرِ سي نَہ ڇَڏِيندَمِ ڙِي،
آسَرَ ڀَرِي آھِيان، ڪامِلَ ھَٿان ڪَمَ ٿِيندَمِ ڙِي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 10 ]

ساھيڙِيُون ۽ سَرَتِيُون، کِلَنِ سَڀَ مَٿامِ،
جيڪُسِ ڪَمَ سَندامِ، جُوٺا ڏِٺا جيڏِيين.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 14 ]

آئُون جا ويندَڙي پارِ پِرِيَنِ جي، مُون کي آيَلِ جَهلَ مَ پاءِ،
جَهلُون پَلُون پائِيين، پاڻان مَتِ نَہ آڇِيين ماءِ،
وِئو ٻاروچو نِڪِري، مُون کي سُورَ چکائي ساءُ،
مُنھِنجا ڪَمَ ڪَرِيمَ تي. ريبي تان مَ رَھاءِ.
[ سُر حسيني، وايون، 30 ]

سَرَتِيُون سُتَڙِيُون، سارِيان پِيرُ پانِھنِجو،
جاڳو اَکَڙيُون،
لَلاڻِيءَ جي لوءَ ۾، سارِي راتِ سُيون،
توبَهَ آھي تَنِ کان، ھَٿان جي ٿِيُون،
مُون کي ڏِيين نَہ مُنھَن ۾، جي مُون ڪالَهہ ڪِيُون،
ھَنڌِ نَہ آھي ھيڪَڙي، ميمَڻَ جو ھِنيُون،
ڪوھُ ڪَرِيبو تَنِ کي، جَنِي مَنجِهہ ڪِيُون،
حُسُنُ راھُو مَنِ جو، مُنھِنجو آھِ مِيُون،
مُنھِنجا ڪَمَ ڪَرِيمَ تي، ٻِئا ڪَنِ ٻِيُون،
اَرَتو اوتَڻُ سِکِيُون، عادَتَ اَکڙِيُون.
[ سُر رِپ، وايون، 2 ]

توبَهَ توبَهَ اِيءَ طَلَبَ، تُنھِنجي دَران مَڱان،
مُون کي پِرِيَنِ ميڙِيين، سائِين ڪَنھِن سَبَبَ،
جَي مُون ھَٿان ڪارِيين، ڪَمَ موچارا رَبَ.
[ سُر پورب، وايون، 4 ]

نِينھُن نِھائين جِيئَن، ڍَڪِئو ڪوھُ نَہ ڍَڪِيين،
ڄَرَ ڄيري ڇَڏِي، تَہ رَڇَ پَچَندا ڪِيئَن،
تُون پُڻ ڪَرجِ تِيئَن، جِيئَن ڪُنڀارَ ڪَرِينِ ڪَمَ سين.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 13 ]