ڪَنبَنِ جي سنڌي معنيٰ
ڏڪن، لرزن، ٿڙڪن، تڙڦن، ڌُڏن، سِياٽجن، ڌُڏِڪن، ڌوڏو کائن، ڌڙڪن. چُرن، ڦڙڪن. ڌونڌاڙجن، جهُلن، ٽُلِڪَن، ڌوڻجن، اُلِڙن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To shake, tremble, quake, quiver.
ڪَنبَنِ جا بيتن ۾ حوالا
لوھُ ٻَري ڪَٽُ ڪَڙھي، ڌُوڌا جِتِ ڌَڳَنِ،
مُتِرِڪَنِ مُنھَن ڪَڍِئا، سانڌاڻِيون ڪَنبَنِ،
اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ، ميڙو آھي مَچَ تي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 15 ]
مُتِرِڪَنِ مُنھَن ڪَڍِئا، سانڌاڻِيون ڪَنبَنِ،
اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ، ميڙو آھي مَچَ تي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 15 ]
ڪُڻِڪَنِ ڪانڌُ چِتِ ڪِئو، پَسِئو جُهڙُ جُهڻِڪَنِ،
سُڻِئو رَڙِ رَعدَ جِي، ڪَلهِيُون ٿِيُون ڪَنبَنِ،
وارِثُ وَرِي تَنِ، اَچي شالَ اولو ڪَري.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 25 ]
سُڻِئو رَڙِ رَعدَ جِي، ڪَلهِيُون ٿِيُون ڪَنبَنِ،
وارِثُ وَرِي تَنِ، اَچي شالَ اولو ڪَري.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 25 ]
ڪَنھِن جَنھِن سَناسِي سُورَ جِي، مَنجِهہ وَھلُورَ وَتَنِ،
اَٺَئِي پَھَرَ الَکَ جو، ڪو وَڍُ ويراڳِيَنِ،
سَدائِين صاحِبَ ڀَرِ، ٿا ڪاپَڙِي ڪَنبَنِ،
جٖي راتو ڏِينھَن رَمَنِ، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 2 ]
اَٺَئِي پَھَرَ الَکَ جو، ڪو وَڍُ ويراڳِيَنِ،
سَدائِين صاحِبَ ڀَرِ، ٿا ڪاپَڙِي ڪَنبَنِ،
جٖي راتو ڏِينھَن رَمَنِ، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 2 ]
ڏُھاڳان سُھاڳَڻِيُون، سَدا ٿِيُون ڪَنبَنِ،
ڪوھُ ڄاڻان کي ڪَنِ، وارو ڏِيندو وَلَهو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 22 ]
ڪوھُ ڄاڻان کي ڪَنِ، وارو ڏِيندو وَلَهو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 22 ]
ڏُھاڳان سُھاڳَڻِيُون، ڪِھَڙي ڏوھِ ڪَنبَنِ،
وَرُ وِڏُوڻو اِيَھِين، جِيئَن جِيئَن پاڻُ پَسَنِ.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 23 ]
وَرُ وِڏُوڻو اِيَھِين، جِيئَن جِيئَن پاڻُ پَسَنِ.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 23 ]
ھُئا لِيلان جا اَڳهيِن، مَٿي ماڙِيءَ ماڳَ،
چَئِي چَنيسَرَ چاڙِھي، لَکين ڏيئِي لاڳَ،
ٻِيُون راءَ ڀَرِ ڪَنبَنِ راڻيُون، ھِيءَ سوڀي مَنجِهہ سُھاڳَ،
جيلاھَ ڀَرُ ڏِنائِين ڀاڳَ، تي آيُسِ ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 13 ]
چَئِي چَنيسَرَ چاڙِھي، لَکين ڏيئِي لاڳَ،
ٻِيُون راءَ ڀَرِ ڪَنبَنِ راڻيُون، ھِيءَ سوڀي مَنجِهہ سُھاڳَ،
جيلاھَ ڀَرُ ڏِنائِين ڀاڳَ، تي آيُسِ ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 13 ]
لاکا لَکَ سُڄَنِ، ڦُلاڻِيءَ ڦيرُ ٻِئو،
جَنھِن ڀَرِ راڻا راڄِيا، ڪوٽَنِ ڌَڻِي ڪَنبَنِ،
جَنھِن جو جاڙيجَنِ، سُتي سونچو نَہ لَھي.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 3 ]
جَنھِن ڀَرِ راڻا راڄِيا، ڪوٽَنِ ڌَڻِي ڪَنبَنِ،
جَنھِن جو جاڙيجَنِ، سُتي سونچو نَہ لَھي.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 3 ]
ڪو جَو وَھُ ڪاپائِتِيين، ڪَنبَنِ ۽ ڪَتَنِ،
ڪارَڻِ سُودَ سَوارِيُون، آتَڻَ مَنجِهہ اَچَنِ،
اُنَ جي سُونھَن سَيِّدُ چئَي، صَرافَ ئِي سِڪَنِ،
اَگهِئا سُٽَ سَندَنِ، پائي تَرازِيءَ نَہ تورِئا.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 21 ]
ڪارَڻِ سُودَ سَوارِيُون، آتَڻَ مَنجِهہ اَچَنِ،
اُنَ جي سُونھَن سَيِّدُ چئَي، صَرافَ ئِي سِڪَنِ،
اَگهِئا سُٽَ سَندَنِ، پائي تَرازِيءَ نَہ تورِئا.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 21 ]
جٖي ڪَنبَنِ ۽ ڪَتَنِ، اَٺَئِي پَھرَ اَرٽَ سين،
تَنِ جو صَرافَنِ، ڦولِهئو ڪِينَ ڪِي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 27 ]
تَنِ جو صَرافَنِ، ڦولِهئو ڪِينَ ڪِي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 27 ]
جٖي ڪِيڙِيءَ ڀَرِ ڪَنبَنِ، نانگَ نَمَنِ اُنِ کي،
آگو اَمُنُ اُنِ ڪَري، جي اِنَهِينءَ ڀَيءِ ڀَڄَنِ،
اِنَ اولِيَآئِي تَحتَ قَبَآئِي ، مُوِڙھا مانَ ٻُڌَنِ،
ڳُجهان ڳُجَهہ وَڃَنِ، اَحَدَ جي اِسرارَ ۾.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 11 ]