ڪَنھِين جي سنڌي معنيٰ
ڪنھن جي. ڪير، ڪھڙي، ڪابہ، ڪا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Else
ڪَنھِين جا بيتن ۾ حوالا
آسا سَڀَ ڪَنھِين وَلَهِي، آسا ڪَنھِين مَ ٻَنگُ،
ھَرَڻا ٻاڻُ مَ لَڳُ، مارِي خالِي نَہ وَري.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 2 ]
ھَرَڻا ٻاڻُ مَ لَڳُ، مارِي خالِي نَہ وَري.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 2 ]
راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، ڀائِي گُهرِجي ڀَلُ،
آھُرَ جِيُون ايلاچِيُون، چَندَنُ چَرئَو چَلُ،
مُون توھِي سين ڳالِهڙِي، ٻِئي ڪَنھِين مَ سَلُ،
ھاھُرَ ڪَندو ھَلُ، تَہ کِجايُون کَرَنِ کي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 1 ]
آھُرَ جِيُون ايلاچِيُون، چَندَنُ چَرئَو چَلُ،
مُون توھِي سين ڳالِهڙِي، ٻِئي ڪَنھِين مَ سَلُ،
ھاھُرَ ڪَندو ھَلُ، تَہ کِجايُون کَرَنِ کي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 1 ]
تَنَ کي ڪَڍي تارِ مان، صُلِحُ ساھَڙَ جو،
اُتِ آڏو اَچي ڪِينَ ڪِي، ٻيلِيَپو ٻي جو،
ميھارَ ڪِجِ مُنھِنجو، ڪو اوڪَرُ ڪَنھِين آرَ تان.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 26 ]
اُتِ آڏو اَچي ڪِينَ ڪِي، ٻيلِيَپو ٻي جو،
ميھارَ ڪِجِ مُنھِنجو، ڪو اوڪَرُ ڪَنھِين آرَ تان.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 26 ]
گهَرُ نَہ وَرُ نَہ وَٿُ ڪا، آھيمِ مَنِ ميھارُ،
اِنَ اوسِيڙي اُٿِيان، سَنجهي ڪَري سِينگارُ،
پِرِين تُنھِنجو پارُ، پَسان مان پَرِ ڪَنھِين.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 25 ]
اِنَ اوسِيڙي اُٿِيان، سَنجهي ڪَري سِينگارُ،
پِرِين تُنھِنجو پارُ، پَسان مان پَرِ ڪَنھِين.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 25 ]
پِرھَ جو پَيدا ٿِئو، سامِي ڪِي سِڄُ،
مَٿِسِ رَتو مولِهِيو، جِيئَن سا ڪَڪَرَ وِڄُ،
ڪَنھِين ڊاءِ مَ ڊِڄُ، کَرِيُون ويھِي ڏي خَبَرُون.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 1 ]
مَٿِسِ رَتو مولِهِيو، جِيئَن سا ڪَڪَرَ وِڄُ،
ڪَنھِين ڊاءِ مَ ڊِڄُ، کَرِيُون ويھِي ڏي خَبَرُون.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 1 ]
ڀيرِيُون ڀيري ڀَڃُ، ھي جي مَنجهان پورِيُون،
ٻي دَرِ ڪَنھِين مَ وَڃُ، ريءَ ھاشِمِيءَ ھِڪِڙي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 4 ]
ٻي دَرِ ڪَنھِين مَ وَڃُ، ريءَ ھاشِمِيءَ ھِڪِڙي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 4 ]
اَلابَندِي آئِيو، کَڻِي ڇَلِ ڇُڳيرُ،
ڪَنھِين ڪِينَ ھِمَٿِئو، ڪانَ جهَلِيندو ڪيرُ،
سُومَرِينِ سانگِ کَنِئي، ڪِئو اَبِڙي اُٺَ پيرُ،
ھو مَھائِي مِيرُ، مَستُوراتِنِ مارِئو.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 10 ]
ڪَنھِين ڪِينَ ھِمَٿِئو، ڪانَ جهَلِيندو ڪيرُ،
سُومَرِينِ سانگِ کَنِئي، ڪِئو اَبِڙي اُٺَ پيرُ،
ھو مَھائِي مِيرُ، مَستُوراتِنِ مارِئو.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 10 ]
لِيلان جِمَ لَکائِيين، چَئِي چَنيسَرَ ساڻُ،
جَو تو ڀانيو پانھِنجو، سو ريساڻُو راڄاڻُ،
پاڻان ڌارَ پَرياڻُ، ڪانڌَ ڪَنھِين جو نَہ وَڻي.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 3 ]
جَو تو ڀانيو پانھِنجو، سو ريساڻُو راڄاڻُ،
پاڻان ڌارَ پَرياڻُ، ڪانڌَ ڪَنھِين جو نَہ وَڻي.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 3 ]
لاکو لَکِيءَ تي چَڙِهي، لَکِي لاکي ھيٺِ،
سونارِيُون سَرِ ڪِئو، ڀيڙِئو ٻَڌي بيٺِ،
ڏَمَرُ ڪندو ڏيٺِ، صُبحَ ويلَ سَڀَ ڪَنھِين.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 12 ]
سونارِيُون سَرِ ڪِئو، ڀيڙِئو ٻَڌي بيٺِ،
ڏَمَرُ ڪندو ڏيٺِ، صُبحَ ويلَ سَڀَ ڪَنھِين.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 12 ]
ڪِي جَو ڪَنھِين پارِ، اَکِيُون پَسِي آيُون،
ھِڪُ ديوانِيُون دِلِ ۾، ٻِي اَپَرِ لَڳيَنِ آرِ،
تِھان پوءِ قَرارِ، سُتِيُون ڪِينَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 10 ]
ھِڪُ ديوانِيُون دِلِ ۾، ٻِي اَپَرِ لَڳيَنِ آرِ،
تِھان پوءِ قَرارِ، سُتِيُون ڪِينَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 10 ]
English Meaning
Else