ڪَپُورُ جي سنڌي معنيٰ
ڪافُورَ خوشبودار ٻوٽي جو هڪ قسم، هڪ وَڻَ جي سُرهي رَس، سُرهي وَٿ، ڪافُور. هڪ قسم جي خوشبودار دوا جا هَوا تي رکڻ سان اُڏامي وڃي. هڪ گل جو نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Campfire. Camphor,
ڪَپُورُ جا بيتن ۾ حوالا
ٻُوۡرُ نَہ چَري ٻُورُ، پَسِئو تُورُ تَڪُون ڪَري،
مُونين ھَڻِي موٽِئو، ڪَرَھو راتِ ڪَپُورُ،
مَيو ٿِئو مَعمُورُ، چَندَنُ چکِي آيو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 29 ]
مُونين ھَڻِي موٽِئو، ڪَرَھو راتِ ڪَپُورُ،
مَيو ٿِئو مَعمُورُ، چَندَنُ چکِي آيو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 29 ]
اُڀِرُ چَنڊَ پَسُ پِرِين، تو اوڏا مُون ڏُورِ،
سَڄَڻَ سُتا وِلَهہ ۾، چوٽا ڀَري ڪَپُورُ،
پيرين آئُون نَہ پُڄَڻِي، ٻاٻَلُ ڏي نَہ ٻُوۡرُ،
جَنھِن تي چَڙِهي اَسُورِ سَنجهي سَڄَڻَ سَھٽِيان.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 7 ]
سَڄَڻَ سُتا وِلَهہ ۾، چوٽا ڀَري ڪَپُورُ،
پيرين آئُون نَہ پُڄَڻِي، ٻاٻَلُ ڏي نَہ ٻُوۡرُ،
جَنھِن تي چَڙِهي اَسُورِ سَنجهي سَڄَڻَ سَھٽِيان.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 7 ]
چَنڊَ چِٽائِي تُنھِنجِي، سَھائِي مُون سُورُ،
لايان لالُ لِڱَنِ کي، چَندَنَ ڀَري ٻُورُ،
ڪُوماڻو ڪَپُورُ، مُون واجهائِيندي پِرِينءَ کي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 24 ]
لايان لالُ لِڱَنِ کي، چَندَنَ ڀَري ٻُورُ،
ڪُوماڻو ڪَپُورُ، مُون واجهائِيندي پِرِينءَ کي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 24 ]
English Meaning
Campfire. Camphor,